پيٽرول تي ليوي ۽ ڳرا ٽئڪس ختم ڪرڻ تائين ڌرڻن تان نه اٿنداسين

ڪراچي/لاهور/پشاور/ڪوئيٽا(رپورٽر/بيورو/ع آ نيوز) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان حڪمرانن کي واضح پيغام ڏيندي چيو آهي ته پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ سميت ٻيا مطالبا منظور ٿيڻ تائين روڊن تان نه هٽنداسين. لاهور، ڪراچي ۽ پشاور ۾ لڳل ڌرڻا 25 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. حڪمران آءِ ايم ايف جا غلام بڻجي ويا آهن، نظام جي ناڪاميءَ جو اعتراف ٿي رهيو آهي، جڏهن ته آفيسر شاهي پاڻ کي حاڪم سمجهڻ بند ڪري. هنن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس جي ٻاهران لڳل ڌرڻي واري هنڌ تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب امير ڊاڪٽر اسامه رضوي، قائم مقام سيڪريٽري جنرل نذير جنجوعا، ڊپٽي سيڪريٽري رسل خان بابر، امير لاهور ضياءُ الدين انصاري، امير پنجاب سينٽرل جاويد قصوري، سيڪريٽري بابر رشيد ۽ سيڪريٽري اطلاعات شڪيل ترابي پڻ موجود هئا.پيٽروليم ليوي، مهانگي بجلي ۽ آءِ پي پيز جي معاهدن خلاف جماعت اسلامي جو احتجاج ٻئي ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي. سخت گرميءَ جي باوجود لاهور جي چيئرنگ ڪراس تي هزارين ماڻهن جو ڌرڻو بدستور جاري آهي. شرڪت ڪندڙن رات مال روڊ تي گذاري ۽ حڪومت خلاف مسلسل نعريبازي ڪئي. مال روڊ تي جماعت اسلامي جا جهنڊا لهرائيندا رهيا. شرڪت ڪندڙن اعلان ڪيو آهي ته پيٽرول 225 رپيا في ليٽر ڪرڻ، پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ ۽ بجلي سستي ڪرڻ تائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو. ان دوران ڪراچي ۽ پشاور جي گورنر هائوسن ٻاهران به جماعت اسلامي جا ڌرڻا جاري آهن. امير جماعت اسلامي چيو ته جماعت اسلامي عوام جو ڪيس وڙهڻ لاءِ روڊن تي نڪتي آهي ۽ هي ڌرڻو صرف جماعت اسلامي جو ناهي، پر ڊاڪٽرن، وڪيلن، واپارين، آبادگارن سميت سمورن طبقن ۽ 25 ڪروڙ عوام جو ڌرڻو آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته وڏي انگ ۾ گهرن مان نڪري احتجاج ۾ شرڪت ڪن. حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت هڪ طرف عوام تي پيٽرول بم ڪيرائي رهي آهي ۽ ٻئي طرف بجلي مهانگي ڪري ماڻهن جون مشڪلاتون وڌائي رهي آهي. عالمي جنگ جو بهانو بڻائي پيٽرول جون قيمتون وڌايون ويون ۽ هاڻي حڪومت هر واڌ کي آءِ ايم ايف سان ڳنڍي ٿي. حڪمران آءِ ايم ايف جا غلام بڻجي چڪا آهن. آءِ پي پيز جي معاهدن تي سخت تنقيد ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته بينظير ڀٽو جي دور ۾ آءِ پي پيز جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن کان پوءِ مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي انهن معاهدن کي اڳتي وڌايو. هن چيو ته ڪجهه ڪارخانن جي پيداواري صلاحيت به وڌائي چڙهائي ڪري ظاهر ڪئي وئي، ايتري قدر جو 100 ميگاواٽ جي پلانٽ کي 200 ميگاواٽ ظاهر ڪيو ويو. ڪمند جي بُهه سان هلندڙ ڪارخانن ۾ به بي ضابطگيون ٿيون. هڪ رپورٽ موجب ڪجهه حالتن ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي لاڳت گهٽ هئي، پر ان جي ادائيگي وڌيڪ ڪئي وئي. پيٽروليم ليوي بابت ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت پنهنجي مقرر ڪيل هدف کان به وڌيڪ رقم وصول ڪري چڪي آهي ۽ هن وقت تائين عوام کان 8 هزار ارب رپين کان وڌيڪ گڏ ڪيا ويا آهن.هن چيو ته اربين رپيا وصول ڪرڻ باوجود ملڪ جي ريفائنرين کي اپ گريڊ نه ڪيو ويو ۽ پيٽرول ذخيرو ڪرڻ لاءِ به مؤثر نظام قائم نه ڪيو ويو. غريب صارف کان مختلف ٽيڪسن ۽ ليوي جي صورت ۾ في ليٽر تقريباً 130 رپيا اضافي وصول ڪيا پيا وڃن.موٽرسائيڪل هلائيندڙ، عوامي ٽرانسپورٽ استعمال ڪندڙ ۽ وچولو طبقو سڀئي ڳرن ٽيڪسن جي زد ۾ آهن.

You might also like