ميرٽ جو علم اوچو رکندڙ نوجوانن جي جاڳرتا مهم، شاگرن سان ملاقاتون

حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ شاگردن ۾ جاڳرتا مھم شروع ڪري ڇڏي آھي ڪالھ سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري زبيع الله مستوئي، وجاھت ھنگورجو، سڪيلڌو چانڍيو حيدرآباد جي شمس العلماءُ دائودپوٽو لائبريري حيدرآباد ۾ پھچي چٽا ڀيٽي سميت علمي قابليت وڌائڻ لاءِ تياري ڪندڙ شاگردن سان ملاقات ڪري کين سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني ان موقعي تي  زبيح الله مستوئي شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان فيصلو ڪري چڪا آهيون ته هاڻي سڄي سنڌ ۾ جاڳرتا مهم هلائينداسين.هيءَ جدوجهد هاڻي ڪنهن هڪ فرد جي ناهي، هيءَ سڄي سنڌ جي باشعور عوام جي جدوجهد آهي. ھن چيو ته سنڌ جي شاگردن سان ٿيندڙ ظلم، جبر، ناانصافي ۽ ميرٽ جي لتاڙ هاڻي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ھن  سنڌ جي هر باشعور ماڻهوءَ کي اپيل ڪئي ته اچو ته ميرٽ، انصاف ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جي مستقبل لاءِ گڏ ٿي بيهون.ھن ان عزم جو اظھار ڪيو ته ميرٽ لاءِ ۽  انصاف لاءِ آخري ساهه تائين جدوجهد جاري رهندي.اڄ نه جاڳنداسين ته آخر پوءِ ڪڏهن جاڳنداسين ٻئي طرف سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينرذبيح الله مستوئي،  فخرالزمان کونھارو ، سڪيلڌو چانڊيو،  ، وجاھت ھنڱورو، حنيف جوکيو ، حسين بخش چانڊيو ، اياز گل رستماڻي سان سامهون ڪيمپ تي پھچي ۽ فون ڪري شاگردن حمايت جو يقين ڏياريندي کين تعليمي ادارن ۾ اچڻ جي دعوت ڏني اڄ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو وڃي جاڳرتا مھم ھلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like