ماتلي تعلقه اسپتال ۾ 30 ورهين جي نوجوان جو موت، ڪيترائي سوال کڙا ڪري ڇڏيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن موت ڪنهن نانگ جي ڏنگ سان نٿو اچي، موت ان وقت به اچي ٿو، جڏهن انسان جي سامهون اسپتال جا دروازا ته کليل هجن، پر علاج جا دروازا بند هجن. ماتلي تعلقي جي ڳوٺ حاجي راهو هاليپوٽو ۾ پيش آيل هڪ افسوسناڪ واقعو به اهڙن ئي ڪيترن سوالن کي جنم ڏئي ويو آهي. 30 ورهين جو نوجوان محمد هاشم هاليپوٽو پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو هو ته مبينا طور کيس پير ۾ نانگ ڪکي وڌو. ڳوٺاڻن کيس بنا دير ماتلي جي تعلقه اسپتال پهچايو، پر وارثن جو الزام آهي ته بروقت ۽ مناسب طبي امداد نه ملڻ سبب نوجوان جي حالت خراب ٿيندي وئي ۽ آخرڪار کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جتي پهچڻ کان اڳ ئي هو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. هڪ گهر جو چراغ وسامي ويو،
وارثن موجب هو ڳوٺ کان نوجوان کي تقريباً 35 منٽن ۾ ماتلي تعلقه اسپتال کڻي پهتا. جيڪڏهن نانگ جي ڏنگ جو شڪار ٿيل مريض بروقت اسپتال پهچي وڃي، ته سندس علاج لاءِ طبي ماهرن، مناسب تشخيص، نگراني ۽ ضرورت پوڻ تي اينٽي وينم جهڙي ضروري طبي سهولت جي موجودگي انتهائي اهم بڻجي وڃي ٿي. پر وارثن جو چوڻ آهي ته اسپتال پهچڻ کان پوءِ به نوجوان کي فوري طور مناسب علاج فراهم نه ڪيو ويو ۽ کيس آسرن ۾ رکيو ويو. سندن الزام آهي ته عملي پاران شروعاتي طور نانگ جي ڏنگ کي سنجيده نه ورتو ويو ۽ تقريباً هڪ ڪلاڪ کان پوءِ نوجوان جي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. هتي سوال رڳو اهو ناهي ته نوجوان کي نانگ ڪکيو يا نه؛
اصل سوال اهو آهي ته جڏهن هڪ مريض زندگي ۽ موت جي وچ ۾ بيٺل هجي، تڏهن اسپتال جو نظام ڪيترو تيار هوندو آهي؟محمد هاشم هاليپوٽو جي وارثن تعلقه اسپتال ماتلي جي انتظام ۽ عملي تي سخت الزام لڳايا آهن. سندن دعويٰ آهي ته اسپتال ۾ ضروري دوائن جي کوٽ آهي، ڊاڪٽرن ۽ تربيت يافته عملي جي موجودگي بابت به سنگين مسئلا آهن، جڏهن ته اسپتال ۾ موجود ڪجهه عملي تي غير سنجيده رويو اختيار ڪرڻ جا الزام پڻ هنيا ويا آهن. وارثن موجب نوجوان جي حالت خراب ٿيڻ باوجود کيس مناسب طبي امداد فراهم ڪرڻ بدران اهڙا جملا ٻڌڻا پيا، جن سان سندن پريشاني ۽ ڏک وڌيڪ وڌيو. جيڪڏهن اهي الزام جاچ ۾ درست ثابت ٿين ٿا ته پوءِ اهو صرف هڪ نوجوان جي موت جو معاملو نه رهندو؛ اهو اسان جي سرڪاري صحت واري نظام جي ان سوچ جو عڪس هوندو، جتي غريب مريض علاج لاءِ اسپتال ته پهچي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن علاج کان اڳ ئي نظام جي بي حسيءَ سان ٽڪرائجي وڃي ٿو.اسپتال کي ماڻهو مسيحائن جو گهر سمجهندا آهن. هتي ماڻهو اميد کڻي ايندا آهن. هتي ماءُ پنهنجي ٻار کي بچائڻ لاءِ ايندي آهي. هتي پيءُ پنهنجي پٽ جي زندگيءَ لاءِ دعائون ڪندو آهي پر جڏهن اسپتال ۾ دوائون نه هجن، هنگامي حالتن لاءِ مناسب انتظام نه هجي، تربيت يافته طبي عملو موجود نه هجي يا مريض جي تڪليف کي سنجيدگي سان نه ورتو وڃي ته پوءِ اسپتال جي عمارت ته باقي رهي ٿي، پر مسيحا وارو تصور مري وڃي ٿو.
محمد هاشم هاليپوٽو جي موت کي صرف هڪ نانگ جي ڏنگ جو واقعو سمجهي وسارڻ نه گهرجي. هن واقعي کي هڪ آئيني وانگر ڏسڻ گهرجي، جنهن ۾ اسان جي صحت واري نظام جو چهرو نظر اچي ٿو. نانگ جو زهر شايد محمد هاشم جي جسم ۾ ڦهلجي ويو، پر جيڪڏهن وارثن جا الزام درست ثابت ٿين ٿا ته پوءِ سوال اهو آهي ته نظام جي بي حسي جو زهر ڪيترا ماڻهو اڳ ئي ماري چڪو آهي؟ اڄ محمد هاشم ويو آهي؛ سڀاڻي ڪنهن ٻئي گهر جو چراغ وسامي سگهي ٿو ان ڪري ماتلي جي تعلقه اسپتال بابت وارثن پاران اٿاريل سوالن کي دٻائڻ بدران انهن جا جواب ڏيڻ گهرجن. اسپتالن کي بجيٽون نه، جوابدهي گهرجي.