جيڪڏهن اوهان جسماني وزن وڌڻ يا پيٽ ٻاهر نڪرڻ جي ڪري پريشان آهيو ته ان جو هڪ سبب رات دير سان کاڌو کائڻ جي عادت به ٿي سگهي ٿي.
آمريڪا جي Brigham and Women’s Hospital جي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته رات دير سان کاڌو کائڻ سان نه رڳو جسماني وزن وڌڻ جو خطرو وڌي ٿو، پر جسم ۾ چرٻي ذخيرو ٿيڻ جو عمل به تبديل ٿي سگهي ٿو.
تحقيق ۾ 16 اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جن جو وزن وڌيڪ هو يا اهي ٿولهه جو شڪار هئا. هر رضاڪار تي 6، 6 ڏينهن جا ٻه تجربا ڪيا ويا، جڏهن ته ان دوران سندن خوراڪ کي سختي سان ڪنٽرول ڪيو ويو.
هڪ تجربي دوران رضاڪارن کي صبح 9 وڳي ناشتو، منجهند هڪ وڳي ماني ۽ شام 6 وڳي رات جي ماني ڏني وئي، جڏهن ته ٻئي تجربي ۾ رات جي ماني معمول کان وڌيڪ دير سان کارائي وئي.
ٻنهي تجربن دوران رضاڪارن جا رت جا نمونا ورتا ويا ۽ مختلف سوالناما به ڀرايا ويا.
تحقيق جي نتيجن مان خبر پئي ته رات دير سان کاڌو کائڻ سان جسم ۾ چرٻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ٿي، جنهن سبب جسم ۾ وڌيڪ چرٻي جمع ٿيڻ لڳي ٿي.
محققن موجب رات دير سان کاڌو کائڻ سان بک به وڌيڪ لڳي ٿي ۽ جسم گهٽ ڪيلوريون ساڙي ٿو. اهي ٻئي عنصر وزن وڌڻ ۽ پيٽ ٻاهر نڪرڻ جو خطرو وڌائين ٿا.
محققن جو چوڻ آهي ته ٿولهه سبب ذيابيطس ۽ ڪينسر سميت مختلف طبي مسئلن جو خطرو پڻ وڌي سگهي ٿو.
تحقيق موجب رات جي ماني وقت سر ۽ جلدي کائڻ سان جسم ۾ توانائي جو توازن برقرار رکڻ ۽ ٿولهه جو خطرو گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، جڏهن ته ورزش ۽ صحتمند خوراڪ جهڙيون عادتون اختيار ڪرڻ به وڌيڪ آسان ٿي سگهي ٿو.
محققن چيو ته هاڻي اهو وڌيڪ واضح ٿي ويو آهي ته رات دير سان کاڌو کائڻ سان ٿولهه، توند نڪرڻ ۽ وزن گهٽائڻ ۾ ناڪامي جا خطرا ڇو وڌن ٿا.
تحقيقي ٽيم هاڻي وڌيڪ وڏي پيماني تي مطالعي جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ماڻهن جي عادتن ۽ ماحولياتي عنصرن کي به نظر ۾ رکيو ويندو.
تحقيق جا نتيجا طبي جرنل سيل ميٽابولزم ۾ ڇپيا آهن.