پاڪستان جي بجيٽ شفافيت ۾ ٻن سالن دوران 50 سيڪڙو بهتري، عالمي اوسط تائين پهچي ويو

پاڪستان جي بجيٽ ۾ شفافيت، عوامي رسائي ۽ احتساب جي عمل ۾ گذريل ٻن سالن دوران نمايان بهتري سامهون آئي آهي، جنهن جي عالمي سطح تي آزاد اداري انٽرنيشنل بجيٽ پارٽنرشپ (آءِ بي پي) پاران پڻ تصديق ڪئي وئي آهي.

آءِ بي پي جي اوپن بجيٽ سروي 2025ع موجب پاڪستان جو بجيٽ شفافيت اسڪور 2023ع ۾ 100 مان 30 هو، جيڪو 2025ع ۾ وڌي 45 ٿي ويو آهي. اهڙيءَ ريت رڳو ٻن سالن دوران پاڪستان جي بجيٽ شفافيت ۾ 50 سيڪڙو بهتري رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان هاڻي بجيٽ شفافيت جي عالمي اوسط 45 جي برابر اچي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي اهم ملڪن کان اڳتي نڪري ويو آهي. پاڪستان جو اسڪور 45، ڀارت جو 44، سري لنڪا جو 43، بنگلاديش جو 37، نائجيريا جو 24 ۽ چين جو 19 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

آءِ بي پي موجب پاڪستان جي بهتري ڪيترن ئي اهم شعبن ۾ ٿي آهي، جيڪي 2023ع جي سروي ۾ بهتري جي ضرورت وارن شعبن طور نشاندهي ڪئي وئي هئي. ايگزيڪيوٽو بجيٽ تجويز جو اسڪور 43 مان وڌي 57 ٿي ويو، جڏهن ته منظور ٿيل بجيٽ جو اسڪور 33 مان وڌي 50 تي پهچي ويو.

اهڙيءَ ريت سال جي پڄاڻي واري مالي رپورٽ جيڪا اڳ دير سان جاري ٿيندي هئي، هاڻي 52 جي اسڪور سان بهتر پوزيشن ۾ اچي وئي آهي، جڏهن ته عوامي شرڪت جو اسڪور پڻ 15 مان وڌي 22 ٿي ويو آهي.

آءِ بي پي خاص طور تي سال جي پڄاڻي واري رپورٽ وقت سر آن لائن جاري ڪرڻ ۽ ايگزيڪيوٽو بجيٽ تجويز ۾ وڌيڪ گڏيل ڄاڻ فراهم ڪرڻ کي پاڪستان جي بجيٽ شفافيت ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.

رپورٽ موجب پاڪستان ۾ عوام جي بجيٽ عمل ۾ شرڪت به بهتر ٿي آهي. عوامي شرڪت جو اسڪور 15 مان وڌي 22 تي پهتو آهي، جيڪو عالمي اوسط 17 ۽ ايشيا پئسفڪ خطي جي اوسط 18 کان پڻ وڌيڪ آهي.

بجيٽ جي عمل کي وڌيڪ شفاف، آسان ۽ عوامي شموليت وارو بڻائڻ لاءِ واضح ڄاڻ جي فراهمي، مختلف ڌرين سان وڌيڪ مشاورت، بجيٽ کان اڳ ۽ پوءِ رابطا ۽ پارليامينٽ جي ڪردار کي وڌائڻ تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي.

رپورٽ موجب بجيٽ بابت وڌيڪ وقت سر رپورٽنگ، مڪمل ڄاڻ جي فراهمي، مختلف ڌرين سان وسيع مشاورت، عوام جي بهتر رسائي ۽ وڌيڪ شرڪت سان احتساب جو عمل پڻ مضبوط ٿيندو.

پاڪستان جي مالي شفافيت بابت آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي تازي جائزي ۾ پڻ ملڪ جي مالي نظام جي ڪجهه اهم مثبت پاسن کي تسليم ڪيو ويو آهي.

آمريڪي جائزي موجب پاڪستان جو منظور ٿيل بجيٽ ۽ سال جي پڄاڻي واري رپورٽ وڏي پيماني تي عوام لاءِ دستياب آهي، جڏهن ته امڪاني آمدني ۽ خرچن بابت ڪافي حد تائين مڪمل معلومات فراهم ڪئي وڃي ٿي.

جائزي ۾ پاڪستان جي بجيٽ بابت ڄاڻ کي عام طور تي قابلِ اعتماد قرار ڏيڻ سان گڏ آزاد آڊٽ جي نگراني ۽ ان جي نتيجن کي عوام آڏو رکڻ جي عمل کي پڻ ساراهيو ويو آهي. ان کانسواءِ قدرتي وسيلن جي ورڇ ۽ سرڪاري خريداري بابت شفاف ضابطن ۽ خودمختيار دولت فنڊ لاءِ مضبوط قانوني ڍانچي جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي.

ماهرن موجب بجيٽ ۾ شفافيت سان حڪومتي ادارن جو احتساب، ادارن تي اعتماد ۽ عوام جو ڀروسو مضبوط ٿيندو آهي، جڏهن ته پارليامينٽ، شهرين، ڪاروباري ادارن ۽ سيڙپڪارن کي اها ڄاڻ حاصل ٿيندي آهي ته عوامي وسيلا ڪٿان حاصل ٿين ٿا، ڪٿي خرچ ٿين ٿا ۽ انهن جو حساب ڪيئن رکيو وڃي ٿو.

پاڪستان ۾ بجيٽ شفافيت جي عمل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مستقبل ۾ مالي ڄاڻ کي وڌيڪ وقت سر، گڏيل ۽ عوام لاءِ سولو بڻائڻ سان گڏ عوام ۽ پارليامينٽ جي شموليت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو آهي.

آءِ بي پي جي انگن اکرن موجب پاڪستان جو بجيٽ شفافيت اسڪور 2023ع جي 30 مان وڌي 2025ع ۾ 45 تي پهچي ويو آهي، جيڪو ٻن سالن دوران 50 سيڪڙو بهتري جي نشاندهي ڪري ٿو.

You might also like