پاڪستان دنيا جي منفرد سياحتي ماڳن ۾ شامل، برطانوي اخبار ”دي ٽيليگراف“۾ واکاڻ

برطانيا جي مشهور اخبار دي ٽيليگراف پاڪستان کي دنيا جي انهن ڪجهه انوکي ملڪن ۾ شامل ڪيو آهي، جتي برف سان ڍڪيل بلند جبل، پُرسڪون ماٿريون، قديم تهذيبون ۽ مهم جوئي جا موقعا سياحن کي هڪ منفرد تجربو فراهم ڪن ٿا.

دي ٽيليگراف‘ ۾ ڇپيل هن سفري مضمون کي مشهور سفرنامه نگارن بينڊڪٽ ايلن ۽ سارا مارشل لکيو آهي، جنهن ۾ هنن پڙهندڙن کي پاڪستان جي دلڪش ۽ دلچسپ سياحتي ماڳن جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڪئي آهي.

سفري مضمون ۾ خاص طور اتر پاڪستان جي دل موهيندڙ قدرتي نظارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جتي قراقرم جبلن جون ڪيتريون ئي چوٽيون 25 هزار فوٽن کان وڌيڪ اوچائي رکن ٿيون. اخبار خوبصورت هنزه ماٿري، بلند گليشيئرن، جهنگلي گلن سان ڀريل ميدانن ۽ قراقرم هاءِ وي کي پڻ خاص طور اجاگر ڪيو آهي.

دي ٽيليگراف‘ قراقرم هاءِ وي کي انجنيئرنگ جو هڪ شاندار ڪارنامو قرار ڏيندي لکيو آهي ته هي شاهراهه پاڪستان کي چين سان ڳنڍي ٿو ۽ قراقرم، هماليه ۽ هندوڪش جي شاندار جبلن مان گذري ٿي.

مضمون ۾ ڏورانهين جابلو علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سادگي، محبت ۽ مهمان نوازي جي به واکاڻ ڪئي وئي آهي. سفرنامه نگارن بينڊڪٽ ايلن ۽ سارا مارشل موجب، سياح هتي رڳو قدرت جا حيران ڪندڙ نظارا ئي نٿا ڏسي سگهن، پر مقامي ماڻهن جي زندگي، روايتن ۽ ثقافت کي پڻ ويجهڙائي سان سمجهي سگهن ٿا.

جبلن ۽ قدرتي نظارن سان گڏ ’دي ٽيليگراف‘ پاڪستان جي شاندار تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي به ساراهيو آهي. رپورٽ ۾ قديم سلڪ روڊ، لاهور جي 17هين صديءَ جي بادشاهي مسجد ۽ هزارين سال پراڻي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو خاص ذڪر ڪيو ويو آهي.

هڪ اهم برطانوي اخبار پاران پاڪستان کي دنيا جي انوکي سياحتي ماڳن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته پاڪستان دنيا لاءِ هڪ منفرد، دلڪش ۽ پرڪشش سياحتي منزل جي حيثيت رکي ٿو.

دي ٽيليگراف‘ جي هن فهرست ۾ پاڪستان سان گڏ ترڪمانستان، گيبون، انگولا، تيمور ليسٽي، نڪاراگوا، گيانا، آرمينيا ۽ ريپبلڪ آف ڪانگو سميت ويسٽ پاپوا ۽ پاپوا کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ’دي ٽيليگراف2024ع ۾ پڻ پاڪستان کي پنهنجي سياحتي فيچر رپورٽ ۾ شامل ڪيو هو.

You might also like