ٽيسلا جون خواهشون پوريون نه ٿيون! هزارين ”روبو ٽيڪسين“ مان رڳو 5 هلائڻ جي اجازت

خودڪار گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپني ٽيسلا پاران لاس ويگاس ۾ هزارين ڊرائيور ليس ٽيڪسين هلائڻ جي خواهش تي پاڻي ڦيرجي ويو. نيواڊا ٽرانسپورٽيشن اٿارٽي ٽيسلا کي 5 هزار بدران رڳو  10 روبو ٽيڪسين  جي هلائڻ جي اجازت ڏني آهي.

رپورٽ موجب 27 جولاءِ تي ڏنل منظوري تحت ٽيسلا جون روبو ٽيڪسيون في الحال رڳو لاس ويگاس اسٽرپ ڪوريڊور تائين محدود رهنديون، جڏهن ته گاڏين جي وڌ ۾ وڌ رفتار 72 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي آهي.

ٽيسلا کي هيري ريڊ انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان مسافر کڻڻ جي به اجازت نه ڏني وئي آهي، جيتوڻيڪ ايئرپورٽ ڪمپني جي اصل درخواست ۾ شامل هو.

ريگيوليٽرن واضح ڪيو آهي ته ٽيسلا کي پنهنجي روبو ٽيڪسين جي انگ يا آپريشن واري علائقي ۾ ڪنهن به واڌ لاءِ ٻيهر رياستي منظوري وٺڻي پوندي.

گاڏين تي واضح طور ’روبو ٽيڪسي‘  لکڻ به لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مسافرن کي سفر شروع ٿيڻ کان اڳ ٻڌائڻو پوندو ته هو ڊرائيور کانسواءِ هلندڙ گاڏي ۾ سفر ڪري رهيا آهن.

منظوري جو هڪ اهم شرط اهو به آهي ته سفر دوران گاڏين لاءِ مناسب انساني نگراني موجود هجي. تنهن هوندي به، اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته نگراني لاءِ گاڏي اندر حفاظتي ڊرائيور موجود هوندو يا پري ويهي ريموٽ ذريعي گاڏي جي نگراني ڪئي ويندي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ريگيوليٽري منظوري واري دستاويز ۾ اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته ٽيسلا طرفان درخواست ڪيل هزارين گاڏين جي مقابلي ۾ روبو ٽيڪسين جو انگ رڳو  10 گاڏين تائين محدود ڇو ڪيو ويو آهي.

You might also like