دل جي مريضن لاءِ خوشخبري! ماهرن جا سُٺا ۽ اهم انڪشاف

نيڌرلينڊز جي يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر گروننگن (يو ايم سي جي) جي دل جي ماهرن جي اڳواڻي ۾ ڪيل ٽن نين تحقيقن مان خبر پئي آهي ته ڊائيگوڪسن جي گهٽ مقدار هارٽ فيليئر يعني دل جي ڪمزوري ۾ مبتلا مريضن کي اسپتال داخل ٿيڻ کان بچائڻ ۽ موت جو خطرو گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

تحقيق جي اڳواڻي ڪندڙ يو ايم سي جي جا دل جا ماهر ڊرڪ جين وان ويلڊوزن، ڪيوين ڊيمن ۽ پيٽر وان ڊر مير موجب، انهن نتيجن سان مستقبل ۾ هارٽ فيليئر جي علاج بابت طبي رهنما اصولن تي اثر پئجي سگهي ٿو ۽ هڪ نسبتاً سستي دوا وڌيڪ مريضن لاءِ دستياب ٿي سگهي ٿي.

هارٽ فيليئر هڪ سنگين ۽ وڌندڙ طبي مسئلو آهي. نيدرلينڊز ۾ اندازاً پنج لک کان وڌيڪ ماڻهو هن بيماري ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته ايندڙ سالن دوران اهو انگ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.

هن بيماري ۾ دل جسم جي ضرورت مطابق رت کي اثرائتي نموني پمپ نه ڪري سگهندي آهي، جنهن سبب مريضن کي سخت ساهه ۾ تڪليف، ٿڪاوٽ ۽ بار بار اسپتال داخل ٿيڻ جهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

هارٽ فيليئر جي هاڻوڪي علاج ۾ عام طور تي چار اهم دوائن جو گڏيل استعمال ڪيو ويندو آهي، جن کي ماهر غير رسمي طور ’فئنٽاسٽڪ فور‘ سڏين ٿا. ماهر ڊگهي عرصي کان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڇا انهن دوائن سان گڏ ڊائيگوڪسن کي پنجين علاج طور شامل ڪرڻ سان مريضن کي وڌيڪ فائدو پهچي سگهي ٿو.

يو ايم سي جي جي ٽن نين تحقيقن مان هن امڪان جي حق ۾ اهم ثبوت سامهون آيا آهن.

هڪ تحقيق ۾ نيڌرلينڊز جي 43 طبي مرڪزن مان هارٽ فيليئر ۾ مبتلا لڳ ڀڳ هڪ هزار مريضن کي شامل ڪيو ويو. اڌ مريضن کي معمول جي علاج سان گڏ ڊائيگوڪسن جو گهٽ مقدار ڏنو ويو، جڏهن ته باقي اڌ مريضن کي پليسيبو ڏنو ويو.

لڳ ڀڳ ٽن سالن تائين مريضن جي نگراني ڪرڻ کانپوءِ محققن معلوم ڪيو ته گهٽ مقدار ۾ ڊائيگوڪسن استعمال ڪندڙ مريضن ۾ دل جي ڪمزوري سبب اسپتال داخل ٿيڻ جا واقعا تقريباً 25 سيڪڙو گهٽ ٿيا.

محققن موجب، اهي نتيجا هن پراڻي ۽ گهٽ قيمت واري علاج کي ٻيهر اهميت ڏياري سگهن ٿا. تنهن هوندي به، هر هارٽ فيليئر جي مريض لاءِ ڊائيگوڪسن مناسب آهي يا نه، ان جو فيصلو ڊاڪٽر جي نگراني ۽ صلاح سان ئي ٿيڻ گهرجي.

تحقيقن جا نتيجا نيچر ميڊيسن ۽ جرنل آف دي آمريڪن ميڊيڪل ايسوسيئيشن سميت ٻين سائنسي رسالن ۾ ڇپيا ويا، جڏهن ته تحقيق جا نتيجا بارسلونا ۾ منعقد ٿيل اي ايس سي هارٽ فيليئر ڪانگريس ۾ پڻ پيش ڪيا ويا.

You might also like