ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ۾ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ”ختم نبوت صه چوڪ“ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
مرتضيٰ وهاب ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ سٽي ڪائونسل جي ميمبرن سان گڏ چوڪ جو افتتاح ڪيو.
ميئر ڪراچي گذريل مهيني صدر جي ريگل چوڪ جو نالو تبديل ڪري ختم نبوت صه چوڪ رکڻ جو اعلان ڪيو هو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي چيو ته ختم نبوت صه چوڪ شهر جي مذهبي سڃاڻپ جي خوبصورت عڪاسي ڪري ٿو، جڏهن ته ڪراچي نبي ڪريم حضرت محمد مصطفيٰ صلعم سان محبت ڪندڙن جو شهر آهي.
هن چيو ته ميئر جو عهدو اچڻ وڃڻ واري شيءِ آهي، پر هو مرڻ گهڙي تائين عاشقِ رسول صه رهندو.
مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته شهر ۾ اهڙا ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جن کي ايندڙ نسل به ياد رکن.