ڇا شهباز شريف حڪمراني جو حق وڃائي ويٺو آهي؟

سيد مجاھد علي

هڪ وفاقي وزير پاران نظام جي ناڪامي جي دعويٰ ڪرڻ ۽ نوان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جي تجويز کان پوءِ ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام بابت شديد بحث شروع ٿي ويو آهي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هي بحث نه ته اصولن جي بنياد تي هلي رهيو آهي ۽ نه ئي ان مان ملڪ ۾ جمهوري روايتن ۽ انتظامي نظام جي مضبوطي جي ڪا اميد نظر اچي ٿي. ان جي ابتڙ عوام ۾ اهو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ته سياستدان اقتدار ته حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، پر پنهنجي ذميوارين کي نڀائڻ لاءِ تيار ناهن.

محسن نقوي جي بيان بابت عام طور اهو سمجهيو پيو وڃي ته اهو فوج پاران سياسي پارٽين کي ڏنل هڪ پيغام آهي ته اهي ملڪ ۾ نون انتظامي يونٽن جي قيام تي اتفاق راءِ پيدا ڪن، ٻي صورت ۾ موجوده نظام کي ناڪام تصور ڪيو ويندو. شايد گهرو وزير به پنهنجي بيان ۾ انهيءَ ڳالهه کي نظام جي ناڪامي سان تعبير ڪيو هو. ان بيان کان پوءِ آءِ ايس پي آر جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف، جيتوڻيڪ چيو ته گهرو وزير جا خيال سندس ذاتي راءِ آهن، پر ساڳئي وقت اهو به واضح ڪيو ته ملڪ جي وڌندڙ آبادي سبب انتظامي يونٽن ۾ واڌ انتهائي ضروري ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ جي سياسي قيادت کي آئين موجب ان بابت فيصلو ڪرڻ گهرجي. يعني جيڪو پيغام گهرو وزير پهچايو هو، آءِ ايس پي آر جي سربراهه ان جي تصديق ڪري ڇڏي. هاڻي بحث ان ڳالهه تي هلي رهيو آهي ته هڪ اهڙو شخص، جيڪو گهرو وزارت ۽ ڪرڪيٽ بورڊ ٻنهي جي سربراهي ۾ ناڪام رهيو آهي، اهو نظام تي ڪيئن سوال اٿاري سگهي ٿو؟ ڪيترن ئي وفاقي وزيرن مختلف اندازن سان محسن نقوي تي تنقيد به ڪئي، پر ڪنهن به ذميوار عهديدار، جيڪو هن معاملي ۾ صرف وزيراعظم ٿي سگهي ٿو، يا ڪنهن سياسي پارٽي اهو سوال نه اٿاريو ته جڏهن ملڪ ۾ آئيني پارليامينٽ موجود آهي ۽ قانوني فورم به موجود آهن، ته پوءِ گهرو وزير ۽ آءِ ايس پي آر جي سربراهه نون صوبن جهڙي حساس ۽ پيچيده معاملي تي عوامي بحث شروع ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي؟

وزيراعظم کي گهرجي ها ته هو پنهنجي گهرو وزير کان جواب طلب ڪري ها ته هن ڪابينا ۾ پنهنجا اعتراض پيش ڪرڻ بدران هڪ اقتصادي سمٽ ۾ اهڙو بيان ڇو ڏنو. پارلياماني جمهوريت جي روايتن موجب اهڙو عمل اهڙو سنگين قدم آهي، جنهن کان پوءِ ڪو وزير ڪابينا جو حصو رهڻ جو اهل نٿو رهي. پر وزيراعظم خاموش رهيا. اهو سوال ڪرڻ ته خير شهباز شريف جي ڪمزور سياسي حيثيت کي ظاهر ڪرڻ برابر هجي ها ته هو آءِ ايس پي آر جي سربراهه کان پڇن ها ته سيڪيورٽي بابت پريس ڪانفرنس دوران هن اهم آئيني معاملن تي راءِ ڇو ڏني.

ماضي ۾ شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف کي اهو ئي مشورو ڏيندو رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪو طاقتور شخص "رولز آف دي گيم” جي ڀڃڪڙي به ڪري ته درگذر کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ تڪرار وڌائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. تنهن ڪري هو وزيراعظم جي حيثيت سان به ڪڏهن اهڙي معاملي تي کلي ڳالهائي نه سگهندو. لڳي ٿو ته سندس وڏو ڀاءُ، جيڪو چوٿين ڀيري وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش پوري نه ٿيڻ کان پوءِ هاڻي پنهنجي پارٽي جي قيادت ڪري رهيو آهي، اهو به شهباز شريف جو اهو سبق چڱيءَ طرح ياد ڪري چڪو آهي. ملڪ ۾ "ووٽ کي عزت ڏيو”، "مون کي ڇو ڪڍيو؟” ۽ "عوام جي راءِ جو احترام ڪيو” جهڙن نعرن کان پوءِ هاڻي هو خاموشي کي ئي مناسب حڪمت عملي سمجهي رهيو آهي. انهيءَ ڪري هن پنهنجي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله ذريعي اهو پيغام ڏنو آهي ته پارٽي جا اڳواڻ ۽ وزير محسن نقوي جي بيان کي "نظرانداز” ڪن. ٻين لفظن ۾ مسلم ليگ (ن) اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته سياسي ذميواري، حڪومتي نظام جي سڌاري ۽ ادارن جي خودمختياري جهڙن معاملن تي خاموش رهڻو آهي.

گهڻا تجزيه نگار ملڪ جي سياسي ۽ آئيني بحرانن جي ذميواري آمريتي دورن تي وجهندا رهيا آهن، پر هن وقت نواز شريف، سندس ساٿين، صدر آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاموشي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جي معاملن ۾ بگاڙ جي سموري ذميواري صرف اسٽيبلشمينٽ تي نٿي وجهي سگهجي. سياسي قيادت به ان ۾ برابر جي ذميوار آهي. اهو به ڏسي سگهجي ٿو ته معمولي معاملن تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندڙ تحريڪ انصاف جا اڳواڻ ۽ مولانا فضل الرحمان به هن معاملي تي راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن. ڄڻ ته سڀئي "حڪمِ حاڪم” جا منتظر آهن ته جيئن پنهنجي حصي جو سياسي فائدو حاصل ڪندا رهن.

جيڪڏهن اهو مڃيو وڃي ته محسن نقوي جو پيغام سياسي اڳواڻن تائين پهچايو ۽ ان کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ نظام جي ناڪامي جو حوالو ڏنو، ته پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته محسن نقوي کي ڪابينا ۾ شامل ئي ڇو ڪيو ويو يا پوءِ اڃا تائين کيس استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ ڇو نه چيو ويو؟ جيڪڏهن گهرو وزير جي نظام جي ناڪامي بابت ڳالهه کي صحيح مڃجي، ته اقتصادي سمٽ ۾ سندس تقرير پاڻ انهيءَ ناڪامي جو سڀ کان وڏو ثبوت بڻجي وڃي ٿي. ڪنهن به فعال حڪومت جو وزير وزيراعظم جي ڄاڻ ۽ اجازت کان سواءِ اهڙي نوعيت جي ڳالهه عوامي فورم تي نٿو ڪري سگهي.

هاڻي اهڙيون خبرون به سامهون اچي رهيون آهن ته گهرو وزير پنهنجي تقرير کان اڳ شهباز شريف سان تفصيلي ملاقات ڪئي هئي ۽ وزيراعظم کيس ان ڳالهه جي اجازت به ڏني هئي. جيڪڏهن سياسي قيادت عوام کي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي ته سندن اقتدار فوج جي سهاري تي قائم آهي، ته پوءِ اهو به واضح هجڻ گهرجي ته ملڪ تي حڪمراني جو حق رڳو انهن ماڻهن کي هجڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي ضمير ۽ پارليامينٽ جي راءِ مطابق رياستي معاملا هلائين. موجوده صورتحال ۾ شهباز شريف ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جو اخلاقي ۽ سياسي حق وڃائي ويٺو آهي.

صوبن جي تعداد ۾ واڌ جو معاملو ڪو ممنوع موضوع ناهي، پر ان کي سياسي فورمن تي سياسي انداز ۾، حقيقتن ۽ عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکي بحث هيٺ آڻڻ ۽ مناسب فيصلا ڪرڻ گهرجن. گهڻ لساني ۽ گهڻ ثقافتي معاشري ۾ صرف انتظامي سهولت لاءِ جاگرافيائي ورهاست جا فيصلا نه مناسب هوندا آهن ۽ نه ئي ڪامياب. پاڪستان ۾ ون يونٽ جو تجربو به انهيءَ سبب ناڪام ٿيو هو. ساڳئي وقت اهو به مناسب ناهي ته ڪنهن صوبي کي رڳو ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي مفاد خاطر هر حال ۾ گڏيل رکڻ جو اصول اختيار ڪيو وڃي.ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ ۽ محسن نقوي کي به اهو مڃڻ گهرجي ته بهتر انتظام لاءِ صرف صوبن جو تعداد وڌائڻ هڪ خام ۽ اڻپورو تصور آهي، جنهن جي ڪا مضبوط سياسي بنياد موجود ناهي. نوان صوبا ٺاهڻ سان نوان عهدا، نئين بيوروڪريسي ۽ اشرافيه جو هڪ نئون طبقو پيدا ٿيندو. جيڪڏهن واقعي انتظامي نظام بهتر بڻائڻ مقصد آهي، ته پوءِ آئين مطابق سڀني صوبن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي مضبوط مقامي حڪومتون قائم ڪن ۽ اختيارن ۽ وسيلن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪن. ان کان پوءِ نون صوبن بابت بحث به جاري رهي سگهي ٿو.

You might also like