مان اڪثر سوچيندو آهيان ته آخر هن ملڪ جو قومي مفاد ڇا آهي؟ جنهن ملڪ ۾ آئين ٽوڙڻ کي به "نظريه ضرورت” جو نالو ڏنو وڃي، اتي هر شيءِ ممڪن بڻجي وڃي ٿي. رڳو هڪ "غلام محمد” جي ڳولا جاري رهندي آهي، ۽ ان لاءِ اهو به ضروري ناهي ته وٽس قومي سڃاڻپ ڪارڊ هجي يا نه. مان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي هن ڳالهه سان سئو سيڪڙو متفق آهيان ته: "جيڪڏهن اسان اڄ فيصلو نه ڪيو ته ڏهه سال پوءِ به اهڙي ئي ڪنهن فورم تي ويهي ساڳي بحث ڪندا رهنداسين.” پر حضور! فيصلو ڪرڻ وارا آخر اسان ڪير آهيون؟ شايد انهيءَ ڪري ئي پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين اهوئي سوال ورجائجي رهيو آهي ته آخر قومي مفاد ڇا آهي؟ ڪالهه ون يونٽ جو قيام قومي مفاد قرار ڏنو ويو، جڏهن ته اڄ وڌيڪ انتظامي يونٽ يا وڌيڪ صوبا قومي مفاد بڻجي ويا آهن.
اسان جي مرحوم صحافي دوست بابر اياز جي گهرواريءَ تازو سندس هڪ ڪتاب "جمهوريت، جيئن پاڪستان ۾ رائج آهي” شايع ڪيو آهي. ان ۾ ون يونٽ بابت هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو ويو آهي، جنهن سان گڏ پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي شهادت جي پس منظر ۽ ڪيترن ئي اهم واقعن جو ذڪر به شامل آهي. هتي، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه نون صوبن ۽ وڌيڪ انتظامي يونٽن بابت هر هنڌ بحث هلي رهيو آهي، سواءِ انهن فورمن جي، جتي اصل ۾ ٿيڻ گهرجي، يعني پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلين ۾، تنهن ڪري اهو واقعو اهميت رکي ٿو.
هن واقعي جا مرڪزي ڪردار گورنر جنرل غلام محمد، وزيراعظم محمد علي ۽ سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ايوب کهڙو آهن. سڀ کان اهم پهلو ون يونٽ اسڪيم آهي، جيڪا 1955ع ۾ هڪ قانون ذريعي ٻي آئين ساز اسيمبلي مان منظور ڪرائي وئي. ان تحت نون انتظامي يونٽن کي ضم ڪري هڪ وڏو صوبو "مغربي پاڪستان” قائم ڪيو ويو. بابر اياز لکي ٿو: "ان رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ سنڌ هئي. تنهن ڪري غلام محمد سنڌ جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پيرزاده عبدالستار کي هٽائي ڊاڪٽر ايوب کهڙي کي ٻيهر وڏي وزير بڻايو، جنهن کي اڳ نااهل قرار ڏنو ويو هو. مقصد صرف اهو هو ته سنڌ ون يونٽ جي حمايت ڪري.”
هتي هر شيءِ ممڪن ٿي ويندي آهي، جيڪڏهن ان کي "قومي مفاد” جو نالو ڏنو وڃي. تنهن ڪري هن معاملي ۾ به هڪ دلچسپ راند کيڏي وئي. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسيمبلي بلڊنگ بدران حيدرآباد جي "دربار هال” ۾ ڪوٺايو ويو، جتي قرارداد منظور ڪئي وئي. ان فيصلي خلاف هڪ تاريخي تحريڪ هلي. سائين جي ايم سيد جهڙن اڳواڻن، جن سنڌ اسيمبليءَ ۾ سڀ کان پهرين پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پيش ڪئي هئي، نه رڳو مسلم ليگ ڇڏي ڏني، پر پاڪستان جي مخالفت به شروع ڪئي ۽ چيو ته ساڻن دوکو ڪيو ويو.اصل ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جو قتل ته پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي شهادت کان پوءِ ئي شروع ٿي ويو هو، ۽ شروعاتي ويهه سال ان حقيقت جي زنده تصوير آهن. مشرقي پاڪستان کي اقتدار ڏيڻ نه چاهيو ويو، تنهن ڪري نه ڏنو ويو. بنگلاديش حقيقت ۾ 1971ع ۾ نه، پر 1954ع ۾ ئي ٺهي چڪو هو. پاڪستان جو بنيادي مسئلو اهو رهيو آهي ته اسان پهرين ڏينهن کان پنهنجي قومي رخ جو تعين نه ڪري سگهياسين، ۽ اڄ به غير ضروري بحثن کي قومي اهميت جا مسئلا بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو.
آخر هن سموري بحث جو نتيجو ڇا آهي؟ ۽ ان جو حل ڇا آهي؟ ظاهر آهي ته گهڻا ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته حل صرف هڪ آهي: جمهوري نظام جو تسلسل، اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي، مضبوط ۽ بااختيار بلدياتي نظام، هڪ آزاد ۽ خودمختيار اليڪشن ڪميشن جي نگراني هيٺ شفاف چونڊون، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته خدا جي واسطي حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڪيرائڻ، سياسي پارٽيون ٺاهڻ ۽ ٽوڙڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. جنهن ملڪ ۾ خود وزيراعظم ۽ حڪومت مڪمل اختيارن سان ڪم نه ڪري سگهن، اتي وڌيڪ صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت بحث ڪرڻ ڪيترو فائديمند هوندو؟ آخر ڪهڙو تجربو آهي، جيڪو پاڪستان ۾ نه ڪيو ويو؟ بنيادي جمهوريت، غير جماعتي جمهوريت، صدارتي نظام، پارلياماني نظام، مارشل لا، ۽ هاڻي هائبرڊ جمهوريت.
هاڻي چيو وڃي ٿو ته سياسي پارٽيون، سول سوسائٽي ۽ ٻين شعبن جا ماڻهو گڏجي اتفاق راءِ پيدا ڪن. ريفرنڊم جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن، پر انهن جي تاريخ به گهڻيون سکيا ڏيندڙ حقيقتون رکي ٿي. چيو وڃي ٿو ته سياسي پارٽيون ناڪام رهيون، ٺيڪ آهي. ٻن خاندانن حڪومت ڪئي، اهو به مڃيل آهي. خراب حڪمراني رهي، اهو به صحيح. نظام ناڪام ٿيو، اهو به قبول. پر پوءِ سوال اهو آهي ته حل ڪير ڏيندو؟ ڳالهه بلڪل سادي آهي. 1977ع ۾ مارشل لا لڳو. چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻيون هيون، نه ٿيون، ڇو ته خدشو هو ته پيپلز پارٽي کٽي ويندي. 1979ع ۾ به چونڊون ملتوي ڪيون ويون، ساڳئي خدشي سبب. ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي، اهو سمجهي ته پيپلز پارٽي ختم ٿي ويندي. پوءِ 1985ع ۾ غير جماعتي جمهوريت آندي وئي، پر جڏهن ان نظام جي وزيراعظم چيو ته "مارشل لا ۽ جمهوريت گڏ نٿا هلي سگهن” ته کيس هٽايو ويو.
1988ع ۾ چونڊن وقت اسلامي جمهوري اتحاد ٺاهيو ويو، پوءِ مسلم ليگ (ن) کي آندو ويو، کٽايو ويو ۽ پوءِ هارايو به ويو. ساڳي طرح عمران خان کي به آندو ويو، اقتدار ڏنو ويو ۽ پوءِ هٽايو ويو. ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، نواز شريف کي جلاوطن ڪيو ويو، آصف علي زرداري جيل ويو، پوءِ وري انهن کي اقتدار ۾ آندو ويو، ۽ هاڻي عمران خان ٽن سالن کان جيل ۾ آهي. عدليه جي حالت به اها آهي ته ڪالهه سزا قومي مفاد ۾ هوندي آهي، ۽ اڄ آزادي به قومي مفاد ۾ قرار ڏني وڃي ٿي. باقي ته عدالتي ٻولي پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. هاڻي فيصلو ڪري وٺڻ گهرجي ته آخر هلائڻ ڪهڙو نظام آهي؟ رهي ڳالهه انهن تجزيه نگارن جي، جيڪي چون ٿا ته اهي تجربيڪار سياستدان آخر ايترا بي وس ڇو آهن؟ ته حقيقت اها آهي ته ڪجهه ماڻهو عمر ۾ وڏا ٿي وڃن ٿا، پر ذهني طور ٻار ئي رهندا آهن. اصل مسئلو جمهوريت جو ناهي، ڇو ته پاڪستان ۾ جمهوريت کي ڪڏهن مڪمل طور ڪم ڪرڻ ئي نه ڏنو ويو. سياسي پارٽيون ۽ اڳواڻ رڳو جمهوري عمل وسيلي ايندا ۽ ويندا آهن. جيئن پيپلز پارٽي 2008ع کان پوءِ پنجاب ۾ لڳ ڀڳ ختم ٿي وئي، ۽ جيڪڏهن سچ پڇو ته 2024ع کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي حالت به گهڻي مختلف ناهي. جيڪڏهن حقيقت ڄاڻڻي آهي ته هڪ ڀيرو مڪمل آزاد، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرايون وڃن، نظام کي حقيقي اختيار ڏنا وڃن، پوءِ عوام پاڻ فيصلو ڪري ڇڏيندو.