ميرٽ جي بحالي تحريڪ جو دائرو وسيع، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر( رپورٽر+نمائندا) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ھلندڙ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿيڻ لڳو. ايس پي ايس سي جي ٿڌي سڙڪ حيدرآباد جي آفيس سامھون لڳل احتجاجي ڪيمپ تي نامياري وڪيل ڪشش خواجه پنھنجي امڙ سان گڏ اچي شاگردن سان يڪجھتي ڪئي ، پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سھڻي پارس ۽ سنڌ جي قومي ۽ نظرياتي تحريڪ جي سورمي نظير قريشي نه رڳو ڪيمپ تي پھچي شاگردن سان گڏ ھجڻ جو وچن ڪيو پر سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار وارو گيت ڳائي شاگردن ۽ سنڌ جي قومي جدوجھد سان نِيھن نڀائڻ وارا نياپا ڏنا.ڪيمپ تي سول سوسائٽيءَ، اديبن ، وڪيلن ۽ سياسي اڳواڻن، شبانه نواب ، شفا بلوچ ،ايڊووڪيٽ مريم الاھي ،ايڊووڪيٽ ياصرہ ذالفقار ،ماھين نور سولنگي ، پرھ سنڌو جروار،مومل ڪورائي ، سنڌيار سومرو ، عبدالغفار سومرو ، بسم الله گوپانگ ، شاھ محمد بلوچ ، ڊاڪٽر معروف ابڙو، رابيل احمد ناريجو سميت سوين نوجوانن  عورتن  ۽ سياسي ڪارڪنن پھچي نوجوانن جي سڏ ۾ سڏ ڏنو. سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي ۽ ايم آر ايم ڪراچي ۾  احتجاج ڪندي سي سي اي-2024 ۽ انجنيئرنگ ڪيڊر جي امتحانن جا نتيجا رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي ڪالھ  ميرٽ جي بحاليءَ واري تحريڪ (MRM) پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) جي سي سي اي-2024 ۽ انجنيئرنگ ڪيڊر جي امتحانن ۾  بي ضابطگين، شفافيت جي کوٽ ۽ ڪرپشن خلاف ڪراچيءَ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران پرامن احتجاج ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ايم آر ايم جي باني فرمان ملغاڻي ۽ ڪراچي چيپٽر جي ڪوآرڊينيٽر عاشق بلوچ ڪئي. احتجاج ۾ ايم آر ايم جي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ حامين شرڪت ڪئي، جن ۾ ايڊووڪيٽ ۽ سماجي ڪارڪن هما عباسي، سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي اڳواڻن سارنگ جويو ۽ سھڻي جويو، ايڊووڪيٽ سمير زمان، ايڊووڪيث فياض ميتلو، اسرار چانڊيو، غالب گڏاڻي، احسان ٻرڙو، حسين آزاد لغاري، علي حسن سنڌي، جواد ماڇي ۽ تحريڪ جا ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل هئا.احتجاج ڪندڙن کي خطاب ڪندي ايم آر ايم جي اڳواڻن چيو تہ، تحريڪ جو مقصد سرڪاري ملازمتن جي ڀرتين واري عمل ۾ ميرٽ، شفافيت، برابريءَ جي موقعن ۽ جوابدهيءَ جي اصولن کي يقيني بڻائڻ آهي. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي گڏيل چٽاڀيٽي جي امتحانن جي نتيجن خلاف اميدوارن ۽ شاگردن طرفان سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري کان هٿن ۾ بئنر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن اميدوارن نادر علي ٻرڙو، ڪاشف گوري، جي ايم سوهو، عامر وڳڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ڊسمبر 2025ع ۾ گڏيل چٽاڀيٽي جي امتحانن ۾ 67 خالي جاين لاءِ 4 هزار 340 اميدوارن حصو ورتو، پر نتيجن ۾ صرف 70 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏئي ڪيترن ئي اميدوارن جون جوابي ڪاپيون صحيح نموني چيڪ ڪرڻ کان سواءِ نتيجا جاري ڪيا ويا، جنهن سان ميرٽ جي لتاڙ ڪندي سوين اهل اميدوار سان ناانصافي ڪئي وئي.

You might also like