ڊونلڊ ٽرمپ جي سياست ۽ بيانن جي سڀ کان وڏي خاصيت "غيرسنجيدگي” رهي آهي. جڏهن ته اڄ عالمي سياست کي سچ ۽ سنجيدگي جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، يا ته "ڊيل” ٿيندي يا وري "سرنڊر” ڪرڻو پوندو. جڏهن ته ايران آمريڪي صدر ٽرمپ جي ڳالهين واري دعويٰ جي ترديد ڪندي واضح ڪيو آهي ته آمريڪا سان نه ڪي ڳالهيون جاري آهن ۽ نه ئي ڪنهن ملاقات جو ڪو منصوبو جوڙيو ويو آهي. ايران اهو به واضح چيو ته ڳالهين ۾ پاڪستان ئي ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪو نئون ٽياڪڙ شامل نه ٿيو آهي. جتي ضرورت هجي قطر به مدد ڪري ٿو. چين تڪرار ۾ واڌ تي پريشان آهي ۽ هو ٻين ملڪن وانگر تعاون ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پاڪستاني نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.
گذريل هفتي جي آخر ۾ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ئي رويو ورجايو جيڪو گذريل پنجن مهينن دوران ڪيترائي ڀيرا ڏسڻ ۾ آيو آهي. هن پهرين ايران تي وڏي پيماني تي حملن جو اعلان ڪيو، پر پوءِ آخري لمحي ۾ اهو منصوبو منسوخ ڪري ڇڏيو. ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم "ٽروٿ سوشل” تي هڪ پوسٽ ۾ ايراني قيادت کي ناقابلِ يقين حد تائين ٻه رخي قرار ڏيندي چيو ته ملاقات جي درخواست خود ايران ڪئي هئي ۽ وڌيڪ ڳالهيون ويجهي مستقبل ۾ ٿيڻ واريون آهن.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر ان دعويٰ کي ورجايو ته آمريڪي نيوي کي آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول حاصل آهي، جنهن کي هن آمريڪا جي "فولادي ديوار” سان تعبير ڪيو. هن چيو ته ايران تائين ڪا به شيءِ نه ٿي پهچي سگهي، جيستائين اسان چاهيون ته نه ئي ڪا شيءِ اتي پهچي سگهندي جيستائين ڪا "ڊيل” طئي نه ٿي ڪئي وڃي يا مڪمل "سرنڊر” نه ٿو ڪيو وڃي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ان دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته آمريڪا سان نه ڪي ڳالهيون جاري آهن ۽ نه ئي ڪنهن ملاقات جو شيڊول طئي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ايران نه ڪنهن غير ملڪي وفد جي ميزباني ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ نه ئي پنهنجن ڳالهين ڪندڙن کي ٻاهر ملڪ موڪلڻ جو ڪو منصوبو آهي. بقائي موجب وزيرِ خارجه عباس عراقچي کان سواءِ سڀئي ايراني ڳالهيون ڪندڙ هن وقت ملڪ جي اندر موجود آهن. عراقچي عراق ۾ چهلم امام حسين تي ويل آهن.
سندس چوڻ موجب هن وقت رڳو عمان سان آبنائي هرمز جي انتظام ۽ انصرام بابت ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته عمان سان مشاورت ۽ تعاون سان جلد کان جلد اهڙو رستو طئي ڪيو وڃي جنهن ذريعي آبنائي هرمز ۾ جهاز راني جي سلامتي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته عمان سان ڪنهن به مفاهمت جو مطلب آبنائي هرمز جو ٻيهر کلي وڃڻ نه آهي. اسماعيل بقائي چيو ته متفقہ رستو نه اتر وارو رستو هوندو ۽ نه ئي ڏاکڻ وارو رستو هوندو، بلڪه هڪ نئون رستو هوندو جنهن تي ٻئي ڌريون متفق ٿينديون. هن چيو ته آبنائي هرمز ڪنهن به صورت ۾ 28 فيبروري کان اڳ واري حالت ۾ واپس نه ايندو. ڇو ته ايران ۽ آمريڪا سان لاڳاپيل معاملن ۾ پاڪستان ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جتي ضرورت هجي قطر مدد ڪري ٿو. هن زور ڏنو ته ڳالهين ۾ ڪو نئون ثالث شامل نه آهي. هن چيو ته چين کي علائقي ۾ تڪرار ۽ عدم تحفظ ۾ واڌ تي پريشاني آهي، اسان جا چيني دوست صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ چين ڪيترن ئي ٻين ملڪن وانگر مدد ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ رڳو هڪ ملڪ تائين محدود نه آهي، اها جنگ سموري خطي خلاف ۽ خطي جي سڀني ملڪن جي سلامتي خلاف آهي. انهن پنجن مهينن ۾ اسان پاڻ ڏٺو آهي ته علائقي ۾ آمريڪي فوجي موجودگي ۽ خليج فارس جي ڏاکڻي ڪناري تي واقع ملڪن جي سرزمين ۽ تنصيبات جي استعمال خطي جي سڀني ملڪن لاءِ عدم تحفظ ۽ عدم استحڪام ۾ اضافو ڪيو آهي. تنهن ڪري اها فطري ڳالهه آهي ته خطي جا ملڪ هن صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ چاهين.
هڪ سينئر ايراني موجب ته ڪنهن به قسم جون ڳالهيون طئي نه ڪيون ويون آهن، جڏهن ته عباس عراقچي گهٽ ۾ گهٽ هفتي جي آخر تائين ڪنهن به ممڪن ڳالهين لاءِ دستياب نه هوندا. ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ عراق جي پرڏيهي وزير فواد حسين جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ايران ۽ عراق جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ، علائقائي سطح تي رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي به ڳالهه ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي سان لاڳاپيل گڏيل ترجيحن ۽ اهم معاملن تي ايران ۽ عراق جي وچ ۾ مسلسل مشاورت ۽ ويجهو تعاون جاري رکيو وڃي.
جڏهن ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته ايران ڇڪتاڻ جو دائرو وسيع نه ٿو ڪرڻ چاهي، ان سان گڏ اهو به واضح ڪيو ته ايران پنهنجي امن ۽ سلامتي ۽ سرزمين جي دفاع لاءِ ڀرپور ۽ پوري طاقت سان مقابلو ڪندو. جڏهن ته ٽرمپ پاران فوجي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي تازي فيصلي کان پوءِ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي ۽ برينٽ خام تيل جا سودا تقريباً 5 سيڪڙو گهٽجي 83.52 ڊالر في بيرل جي ڀرسان اچي ويا.
آبنائي هرمز ۾ پيش آيل تازي واقعي بابت برطانيه جي بحري سلامتي جي اداري UKMTO ٻڌايو ته رات جي وقت هڪ واپاري جهاز جي ڪپتان پنهنجي جهاز جي ويجهو پاڻي ۾ ڌماڪي جي اطلاع ڏنو، جڏهن ته هن واقعي ۾ ڪو به شخص زخمي نه ٿيو. هوڏانهن ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آبنائي هرمز جي مٿان پرواز ڪندڙ آمريڪي MQ-9 ڊرون کي ڪيرايو آهي، جڏهن ته پاسدارانِ انقلاب اهو نه ٻڌايو ته ڊرون کي ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت ڪيرايو ويو. ٻئي طرف سعودي تيل سان ڀريل ٻه ٽينڪر آبنائي باب المندب (بحيره احمر) مان گذري ويا. ان ڏينهن سامهون آيل "ڪيپلر ڊيٽا” مان ظاهر ٿئي ٿو ته آبنائي باب المندب مان گذرندڙ واپاري بحري جهازن جو تعداد گهٽجي 18 رهجي ويو آهي، جنهن تي آمريڪا کي پڻ ڳڻتيءَ ۾ ورايو آهي۔