ڪي ماڻهو رڳو جيئرا نه هوندا آهن، هو هڪ فڪر هوندا آهن، هڪ تحريڪ هوندا آهن، هڪ اهڙو ڏيئو هوندا آهن، جيڪو پنهنجي روشني سان ڪيترن ئي دلين کي روشن ڪري ويندو آهي. وقت سندن جسم ته اسان کان کسي وٺندو آهي، پر سندن ڪردار، سندن فڪر، سندن لفظ ۽ سندن محبت هميشه جيئري رهندي آهي اهڙن ئي امر انسانن مان هڪ نالو سلطان شاهه ساقي جو آهي، جنهن کي ياد ڪرڻ رڳو هڪ شخص کي ياد ڪرڻ نه، پر علم، ادب، صحافت، انسانيت ۽ ملير سان بي لوث محبت جي هڪ پوري تاريخ کي ياد ڪرڻ آهي.
سلطان شاهه ساقي نالي ۾ به سلطان هو ۽ طبيعت ۾ به. سندس اندر ۾ خودداري، وقار، همت ۽ انسان دوستي جو اهڙو راڄ هو، جيڪو ڪنهن به تخت ۽ تاج کان وڌيڪ قيمتي هو. پر هن دنياوي بادشاهيءَ کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني. هن پنهنجي لاءِ محلن بدران ماڻهن جون دليون چونڊيون، دولت بدران عزت چونڊي، اقتدار بدران خدمت چونڊي، ۽ وڏيرائپ بدران پورهيتن جي سنگت قبول ڪئي. هو ملير جو عاشق هو، ڌرتيءَ جو سچو سپاهي هو ۽ فقير صفت انسان هوسندس قلم ڪنهن عام قلم وانگر نه هلندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ موهن جي دڙي جي ناچڻي جيان رقص ڪري رهيو هجي. لفظ سندس حڪم جا تابعدار هئا. جڏهن هو خبر لکندو هو ته اها رڳو خبر نه رهندي هئي، پر سماج جو درد بڻجي ويندي هئي. جڏهن مضمون لکندو هو ته پڙهندڙ پنهنجي ضمير سان مخاطب ٿي ويندو هو. جڏهن شاعري ڪندو هو ته احساسن جا درياهه وهي پوندا هئا، ۽ جڏهن ڪهاڻي لکندو هو ته هر ڪردار جي تڪليف پڙهندڙ پنهنجي دل ۾ محسوس ڪندو هو
سلطان شاهه ساقي جي دل ۾ علم لاءِ اهڙي اُڃ هئي، جيڪا سڄي حياتي به نه اُجهامي. هو علم کي عبادت سمجهندو هو. استاد ٿيڻ کي هن صرف نوڪري نه، پر هڪ مقدس ذميواري سمجهيو. سندس شاگرد اڄ به ٻڌائين ٿا ته اهڙو استاد هنن زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو. اسڪول وقت کان اڳ پهچي صفائي ڪندو هو. جيڪڏهن اسڪول ۾ ٻوهاري نه هوندي هئي ته پاڻ ٻوهاري کڻي صفائي ڪندو هو. چاڪ ختم ٿي ويندي هئي ته پنهنجي کيسي مان خريد ڪندو هو. جيڪڏهن بينچ ٽٽل هوندي هئي ته ان جي مرمت ڪرائيندو هو. هن لاءِ اسڪول رڳو هڪ عمارت نه، پر پنهنجي گهر وانگر هو، جنهن جي هر شيءِ سان کيس محبت هئي اڄ جڏهن تعليم کي رڳو روزگار حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايو ويو آهي، تڏهن سلطان شاهه ساقي جهڙا استاد ياد اچن ٿا جيڪي شاگردن جي مستقبل کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ اهميت ڏيندا هئا. هو رڳو سبق نه پڙهائيندو هو، پر اخلاق، محبت، سچائي ۽ انسانيت جا سبق به سيکاريندو هو
صحافت جي دنيا ۾ سندس آمد ملير لاءِ هڪ نئين دور جي شروعات هئي ضلعي رپورٽر طور هن پنهنجي ذميواري اهڙي ايمانداري سان نڀائي، جو سندس لکيل هر خبر ماڻهن جو آواز بڻجي وئي. هن ڪڏهن به قلم کي ڪنهن جي خوشامد لاءِ استعمال نه ڪيو. سندس قلم سدائين مظلوم، پورهيت، هاري، شاگرد ۽ عام ماڻهوءَ جي حق ۾ لکندو رهيو. هن جي نظر ۾ صحافت طاقتورن جي تعريف ڪرڻ جو نالو نه، پر سچ کي بي خوف ٿي لکڻ جو نالو هو سندس ادبي ۽ صحافتي تربيت به خوشقسمتيءَ سان اهڙين شخصيتن جي هٿان ٿي، جيڪي پاڻ هڪ درسگاهه هيون.
هڪ پاسي ملير جي باعمل ۽ فڪر رکندڙ شخصيت خدا ڏنو شاهه جي صحبت، ته ٻئي پاسي سنڌ جي نامياري شاعر سيد غفور شاهه تقوي جي رهنمائي ٽئين پاسي حمزي پهنور جهڙي ياري کيس نصيب ٿي. انهن ٽنهي ڄڻن جي فڪري تربيت سلطان شاهه ساقي جي شخصيت کي وڌيڪ نکاريو. انهيءَ ڪري سندس تحريرن ۾ ادب جي خوبصورتي، صحافت جي سچائي ۽ سماجي ذميواري گڏ نظر ايندي هئي هو دوستن لاءِ دوست، شاگردن لاءِ استاد، غريبن لاءِ سهارو، صحافين لاءِ رهنما ۽ ملير لاءِ ڌڙڪندڙ دل هو. سندس مجلس ۾ ويهڻ ئي هڪ درس هوندو هو. هو ڪنهن کي مايوس نه موٽائيندو هو. سندس چهري تي مرڪ هوندي هئي، زبان تي مٺاس هوندي هئي ۽ دل ۾ سڀني لاءِ محبت هوندي هئي پر شايد قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هو. جوانيءَ جي عمر ۾ دل جي بيماري هن قيمتي انسان کي اسان کان جدا ڪري ڇڏيو.
اهو ڏينهن ملير لاءِ هڪ المناڪ ڏينهن هو. ائين لڳو ڄڻ منجهند جي روشن سج تي اوچتو اوندهه ڇانئجي وئي هجي صحافت جو هڪ سگهارو قلم خاموش ٿي ويو، تعليم جو هڪ سچو سپاهي وڇڙي ويو، ادب جو هڪ روشن ڏيئو وسامي ويو سلطان شاهه ساقي جي وڇوڙي سان صرف هڪ خاندان نه، پر پورو ملير يتيم ٿي ويو. سندس وڃڻ سان ڪيترائي خواب اڌ ۾ رهجي ويا، ڪيترائي منصوبا اڻپورا رهجي ويا، ڪيترائي شاگرد پنهنجي مهربان استاد کان محروم ٿي ويا ۽ ڪيترائي صحافي پنهنجي سچي رهنما کان جدا ٿي ويا. پر وڏا ماڻهو ڪڏهن به مرندا ناهن؛ هو پنهنجي ڪردار، پنهنجي فڪر ۽ پنهنجي ڪم وسيلي هميشه جيئرا رهندا آهن اسان کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اسان به سلطان شاهه ساقي جي سفر جا ساٿي رهياسين. اسان کيس ويجهو ڏٺو، ساڻس گڏ هلندي سکيو
سندس لفظن مان همت ورتي، سندس اخلاق مان انسانيت جو سبق سکيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به جڏهن سندس ياد اچي ٿي ته دل ڀرجي اچي ٿي، اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون ۽ محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هو اڄ به ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺو ايندڙ نسل لاءِ ڪو نئون خواب لکي رهيو هجي اڄ سندس نوجوان فرزند سليمان شاهه پنهنجي والد جي واٽ تي هلندي ضلعي رپورٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جو سرگرم ميمبر پڻ آهي. اها ڳالهه خوشيءَ جي آهي ته سلطان شاهه ساقي جو قلم بيهي نه ويو آهي، پر سندس فڪر ۽ مشن نئين نسل جي هٿن ۾ منتقل ٿي چڪو آهي اسان سڀني جو اهو اخلاقي فرض آهي ته سلطان شاهه ساقي جي ڇڏيل واٽ کي وسارڻ نه ڏيون. سندس اصولن، سچائي، انسان دوستي، صحافتي ايمانداري ۽ تعليمي جذبي کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون. جيڪڏهن اسان ائين ڪري سگهياسين ته اها ئي سندس لاءِ سڀ کان وڏي خراجِ عقيدت هوندي سندس يارهن ورسي هر سال جيان سڀاڻي ست آگسٽ تي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ملهائي ويندي تڏهن اسان پنهنجي دلين ۾ هڪ عهد ورجائينداسين ته سلطان شاهه ساقي جي ڇڏيل مشن کي جاري رکنداسين، سچ جو ساٿ نه ڇڏينداسين، قلم جي حرمت کي قائم رکنداسين، سنڌ ملير سان محبت کي پنهنجو ايمان بڻائينداسين ۽ سندس نشاندهي ڪيل منزل ڏانهن ثابت قدمي سان سفر جاري رکنداسين.
سلطان شاهه ساقي جسماني طور اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس ڪردار، فڪر، قلم ۽ محبت هميشه زنده رهندي. اهڙا ماڻهو مرندا ناهن، هو تاريخ بڻجي ويندا آهن، ۽ تاريخ سدائين ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪندي رهندي آهي.