عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ ۽ اسان جي پيٽروليم پاليسي

محمد اسماعيل لانگاهه

دنيا جي معيشت ۾ خام تيل کي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت حاصل آهي. عالمي منڊي ۾ خام تيل جي اگهن ۾ واڌ يا گهٽتائي جا اثر سڌي يا اڻ سڌي طرح دنيا جي هر ملڪ تي پوندا آهن. جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجن ٿيون ته عام طور تي اميد ڪئي ويندي آهي ته پيٽرول، ڊيزل ۽ ٻين پيٽروليم شين جا اگهه به گهٽ ٿيندا، جنهن سان ٽرانسپورٽ، صنعت، زراعت ۽ روزمره جي استعمال وارين شين جي قيمتن ۾ به ڪجهه نه ڪجهه رليف ملندو. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي ٿي؛ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ نمايان لاٿ اچڻ باوجود ملڪي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه گهڻو ڪري ساڳيا برقرار رکيا وڃن ٿا، جنهن سبب عوام ۾ بيچيني ۽ مايوسي وڌي رهي آهي.

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن عالمي سطح تي تيل سستو ٿئي ٿو ته ان جو فائدو عام ماڻهو تائين ڇو نٿو پهچي؟ حڪومت جو موقف اڪثر اهو هوندو آهي ته پيٽروليم شين تي مختلف ٽيڪسون، ليويون، درآمدي خرچ، مٽاسٽا جي شرح ۽ ٻين مالي ذميوارين سبب قيمتن ۾ فوري گهٽتائي ممڪن ناهي. بلاشڪ اهي عنصر اهم آهن، پر عوام جي نظر ۾ اهو دليل تڏهن ڪمزور ٿي وڃي ٿو، جڏهن عالمي منڊي ۾ اگهه وڌڻ شرط ملڪي مارڪيٽ ۾ پيٽرول مهانگو ڪرڻ ۾ دير نٿي ڪئي وڃي، جڏهن ته گهٽتائي جي صورت ۾ عوام کي انتظار ئي انتظار نصيب ٿئي ٿو.

پيٽرول ۽ ڊيزل رڳو گاڏين جو ٻارڻ نه آهن، پر سڄي معيشت جي چرپر جو بنيادي ذريعو آهن. ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌڻ سان کاڌي پيتي جي شين کان وٺي تعميراتي سامان، دوائن، زرعي پيداوار ۽ ٻين ضروري شين تائين هر شيءِ مهانگي ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو فائدو عوام تائين منتقل ڪيو وڃي ته نه صرف ٽرانسپورٽ جا خرچ گهٽجن، پر مهانگائي جي رفتار ۾ به نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

اسان جي ملڪ ۾ مهانگائي اڳ ئي عام ماڻهو جي قوت خريد کي سخت متاثر ڪري چڪي آهي. پگهاردار طبقو، مزدور، هاري، ننڍا واپاري ۽ روزاني اجوري تي ڪم ڪندڙ ماڻهو هر مهيني وڌندڙ خرچن جي بار هيٺ دٻيل آهن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ ملندڙ رليف کي به عوام تائين نه پهچايو وڃي ته ان سان حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جو بحران وڌيڪ گهرو ٿي سگهي ٿو. اقتصادي ماهرن جو خيال آهي ته حڪومت کي پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين وڌيڪ شفاف بڻائڻ گهرجي. عوام کي واضح طور ٻڌايو وڃي ته عالمي قيمت، درآمدي خرچ، ٽيڪس، ليوي، مٽاسٽا جي شرح ۽ منافعو ڪهڙي حد تائين آخري قيمت تي اثرانداز ٿين ٿا. شفافيت سان نه صرف شڪ شبها گهٽبا، پر عوام کي به پاليسين بابت بهتر سمجهه پيدا ٿيندي. ان کان علاوه، حڪومت کي گهرجي ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ لاٿ جو ڪجهه حصو ضرور عوام تائين منتقل ڪري. جيڪڏهن سموري گهٽتائي منتقل ڪرڻ ممڪن نه هجي ته به مرحليوار رليف ڏئي سگهجي ٿو. ان سان هڪ طرف عوام کي سڪون ملندو، ته ٻئي طرف واپار، صنعت ۽ زراعت کي به فائدو ٿيندو، جنهن جا مثبت اثر مجموعي معيشت تي پوندا.وقت جي ضرورت آهي ته پيٽروليم پاليسي کي مختصر مدي جي مالي ضرورتن بدران ڊگهي مدي جي قومي مفاد سان جوڙيو وڃي. ٽيڪسن تي ضرورت کان وڌيڪ انحصار ختم ڪري آمدني جا متبادل ذريعا پيدا ڪيا وڃن، جيئن عالمي منڊي ۾ ايندڙ مثبت تبديلين جو سڌو فائدو عوام تائين پهچي سگهي.

اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ صرف انگن اکرن جي خبر نه، پر اها عام ماڻهو جي زندگي سان سڌي طرح لاڳاپيل حقيقت آهي. جيڪڏهن عالمي سطح تي سستي جو اثر ملڪي مارڪيٽ تائين نه پهچي ته پوءِ اهڙي گهٽتائي جو عوام لاءِ ڪو به عملي فائدو نٿو رهي. حڪومت، لاڳاپيل ادارن ۽ پاليسي سازن کي گهرجي ته عوامي مفاد کي اوليت ڏين، قيمتن جي تعين ۾ شفافيت آڻين ۽ عالمي منڊي مان ملندڙ رليف کي انصاف سان عوام تائين منتقل ڪن، ڇو ته هڪ ذميوار رياست جي سڃاڻپ به اها ئي آهي ته اها پنهنجي شهرين جي اقتصادي ڀلائي کي هر حال ۾ ترجيح ڏئي.

You might also like