ن ليگ جي دوستن لاءِ پيغام آهي ته اوهان جي ابتي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي: بلاول

مظفر آباد(ع آ نيوز) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته سندس مسلم ليگ (ن) جي دوستن لاءِ پيغام آهي ته انهن جي الٽي ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي. بلاول ڀٽو آزاد ڪشمير جي باغ ضلعي ۾ هڪ وڊيو پيغام ۾ ريلي جو اعلان ڪندي چيو ته هي صاف ۽ شفاف چونڊون نه پر ڌانڌلي واريون چونڊون هيون. آزاد ڪشمير چونڊون خوني ۽ قاتل هيون، ان سڀ ڪجهه جي باوجود، عوام پيپلز پارٽي کي 9 چونڊ سيٽون کٽائي ڏنيون آهن. بلاول ڀٽو چيو ته مان ميرپور ۽ مظفر آباد ۾ چوري ڪيل سيٽون واپس ڪندس. پيپلز پارٽي همت نه هارائي، اسان پوئتي نه هٽنداسين ۽ نه ئي ميدان ڇڏينداسين. بلاول چيو ته پونڇ وارا تيار رهيو، مان اچان پيو، 10 آگسٽ تي پونڇ جو وارو آهي. باغ ۾ جلسو به ڪندس. پونڇ وارا تيار رهيو، مان اچان پيو، 10 آگسٽ تي پونڇ جو وارو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ڪنهن هڪ پارٽي کي کٽرائڻ نه هئي .

You might also like