تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا سان لاڳاپيل معاملن ۾ پاڪستان ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته جتي ضرورت پوي ٿي، اتي قطر پڻ سهڪار فراهم ڪري ٿو.
تهران ۾ پريس ڪانفرنس دوران اسماعيل بقائي چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهين لاءِ ڪنهن به نئين ٽياڪڙ کي شامل ناهي ڪيو ويو.
هن چيو ته چين کي خطي ۾ تڪرار ۽ عدم تحفظ وڌڻ تي ڳڻتي آهي.
بقائي موجب ”اسان جا چيني دوست صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجيون صلاحيتون استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.“
هن وڌيڪ چيو ته چين، ٻين ڪيترن ئي ملڪن وانگر، هن سلسلي ۾ مدد ڪري رهيو آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان واضح ڪيو ته ايران هن وقت آمريڪا سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪري رهيو.
سندس چوڻ هو ته ”في الحال نه اسان ڪنهن آمريڪي وفد جي ميزباني ڪرڻ وارا آهيون ۽ نه ئي ڪنهن ملڪ جا مهمان بڻجڻ وارا آهيون.“
چين به مدد ڪري رهيو آهي، پر ايران-آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙ پاڪستان ئي آهي: بقائي
You might also like