لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ مردن جي مستقل نس بندي (ويسيڪٽومي) ڪرائڻ جو لاڙو وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ 30 سالن کان گهٽ عمر وارا نوجوان پڻ شامل آهن.
ماهرن موجب، اهو طريقو محفوظ ۽ اثرائتو ضرور آهي، پر اهو اهڙو فيصلو آهي، جنهن تي مڪمل سوچ ويچار ۽ طبي مشوري کانپوءِ ئي عمل ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان کي هر حالت ۾ واپس ڪرڻ ممڪن ناهي.
برطانوي صحت اداري (اين ايڇ ايس) جي انگن اکرن موجب 2024-25 دوران انگلينڊ ۾ 26 هزار 385 مردن ويسيڪٽومي ڪرائي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جنهن مان لڳ ڀڳ 950 مردن جي عمر 30 سالن کان گهٽ هئي.
واضح رهي ته ويسيڪٽومي اهڙو طبي عمل آهي، جنهن ۾ خصين مان اسپرم کڻي ويندڙ نالين کي بند يا ڪٽيو ويندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ ڪجهه حالتن ۾ ويسيڪٽومي کي واپس ڪرڻ وارو آپريشن ممڪن هوندو آهي، پر ان جي ڪاميابي جي ضمانت نه هوندي آهي، تنهنڪري ان کي مستقل خانداني رٿابندي وارو فيصلو سمجهي اختيار ڪرڻ گهرجي.
طبي ماهرن صلاح ڏني آهي ته اهڙو مستقل قدم کڻڻ کان اڳ هر ماڻهو پنهنجي زندگي جي حالتن، مستقبل جي منصوبابندي ۽ پنهنجي جيون ساٿي سان گڏ تفصيلي صلاح مشورو ڪري، پوءِ ئي حتمي فيصلو ڪر
You might also like