تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي خبردار ڪندي چيو آهي ته ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ رڳو هڪ ملڪ تائين محدود ناهي، پر اها سڄي خطي ۽ ان جي سڀني ملڪن جي سلامتي خلاف جنگ آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي اسماعيل بقائي چيو ته گذريل پنجن مهينن دوران آمريڪي فوجي موجودگي ۽ ايراني نار جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ وارن ملڪن جي زمين ۽ فوجي ٿاڪن جي استعمال سبب خطي ۾ عدم تحفظ ۽ بيچيني وڌي آهي.
هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ اهو فطري آهي ته خطي جا ملڪ حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن ۽ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
You might also like