اسحاق ڊار عراقچي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي کي اسلام آباد جي دوري جي باضابطا دعوت ڏئي ڇڏي آهي.
پاڪستان جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن ٽيليفونڪ رابطي دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ والاريل اوڀر يروشلم جي خراب ٿيندڙ صورتحال پڻ شامل هئي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسحاق ڊار، عباس عراقچي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

 

You might also like