مسلسل ناڪامين کانپوءِ پي سي بي بيٽنگ ڪوچ مٽائڻ جو پهه ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) انگلينڊ خلاف ايندڙ ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز کان اڳ قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ طور مائيڪ سمٿ جي مقرريءَ جو امڪان وڌي ويو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي هلندڙ سال جي شروعات کان ئي مستقل بيٽنگ ڪوچ جي ڳولا ۾ هو، جڏهن ته ضروري قانوني ۽ انتظامي مرحلا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ مائيڪ سمٿ جي مقرري جو امڪان آهي.
ليول فور ڪوچنگ قابليت رکندڙ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر مائيڪ سمٿ پاڪستان سپر ليگ ۾ ملتان سلطانز جي اسسٽنٽ ڪوچ طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي، جنهن سبب هو پاڪستاني ڪرڪيٽ جي ماحول کان به واقف آهي.
پي سي بي مستقل بيٽنگ ڪوچ جي مقرري لاءِ مئي مهيني ۾ باضابطا اشتهار جاري ڪري درخواستون طلب ڪيون هيون، جنهن کانپوءِ اميدوارن جي جائزي ۽ شارٽ لسٽنگ جو عمل مڪمل ڪيو ويو.
رپورٽن موجب، جيڪڏهن مائيڪ سمٿ جي مقرري کي حتمي شڪل ڏني وئي ته هو هلندڙ مهيني انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ قومي ٽيم سان گڏ ذميواريون سنڀاليندو.
واضح رهي ته اپريل 2026 کان اڳوڻو ٽيسٽ بيٽر اسد شفيق عارضي بنيادن تي پاڪستان ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي، جڏهن ته هو ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد جي سپورٽ اسٽاف جو حصو پڻ آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز جي شروعات 19 آگسٽ کان ٿيندي.

 

You might also like