نقوي جو بيان نظرانداز ڪيو، هن وقت حڪومت ۽ رياستي ادارن ۾ اتحاد ضروري آهي، نواز شريف جي پارٽي کي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي بيان کي نظرانداز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽن موجب، نواز شريف موجودا حالتن ۾ حڪومت ۽ رياستي ادارن وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي کي انتهائي ضروري قرار ڏنو آهي.
ذريعن موجب، نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي واضح ڪيو ته ملڪ کي پيش معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي اهڙي صورتحال کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جنهن سان وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وچ ۾ اختلافن جو تاثر پيدا ٿئي.
رپورٽ موجب ”سسٽم تباهه ٿيڻ“ بابت محسن نقوي جي بيان تي مسلم ليگ (ن) جي سينيئر قيادت پنهنجا خدشا نواز شريف تائين پهچايا هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پارٽي اڳواڻن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته قومي مفاد جي گهرج آهي ته ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ هم آهنگي برقرار رکي وڃي.

You might also like