ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ سون اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 1700 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 28 هزار 436 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 1457 واڌ کانپوءِ 3 لک 67 هزار 314 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 17 ڊالر اضافي سان 4060 ڊالر پهچي وئي آهي.