پاڪستان کي ڪُلگام واقعي سان جوڙڻ جي سازش رد، والاريل ڪشمير ۾ دهشتگردي جي ذميوار مودي حڪومت آهي: فاروق عبدالله

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير فاروق عبدالله چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ذميوار نريندر مودي جي حڪومت آهي.
هڪ انٽرويوءَ دوران فاروق عبدالله ڀارتي ميڊيا طرفان ڪلگام ۽ اسلام آباد (اننت ناگ) جي واقعن کي پاڪستان سان ڳنڍڻ جي ڪوششن کي رد ڪندي سوال ڪيو ته جيڪڏهن دهشتگردي ختم ٿي چڪي آهي ته پوءِ پورهيتن کي قتل ڪندڙ ڪير آهن؟ هن ڪلگام واقعي جي شفاف ۽ اڻڌري جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.
هن چيو ته ڪلگام ۾ ٻن غيرمقامي پورهيتن ۽ اسلام آباد ۾ هڪ پوليس ڪانسٽيبل جي قتل بابت اندروني سازش جو شڪ پيدا ٿئي ٿو.
فاروق عبدالله چيو ته مودي حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته سرحدون مڪمل طور محفوظ بڻايون ويون آهن، ته پوءِ اهي دهشتگرد آخر ڪٿان اچن ٿا؟
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به ڪشمير جي خاص حيثيت بحال ڪرڻ جو مطالبو زور وٺندو آهي ته اهڙا شڪي واقعا ڇو سامهون اچن ٿا؟
سندس چوڻ هو ته جنتر منتر تي ڀرپور احتجاج کان ترت پوءِ ڪلگام ۾ پورهيتن تي حملو هڪ گهري سازش لڳي ٿو.

You might also like