ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس 8 آگسٽ کان سڄي ملڪ ۾ اڻڄاتل مدي تائين هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي اڳواڻ ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته سڄي پاڪستان جون ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشنون پنهنجن مطالبن جي منظوري تائين گڏيل هڙتال جاري رکنديون.
هن چيو ته مطالبا نه مڃڻ تائين گڊز ٽرانسپورٽ جو ڦيٿو جام رهندو.
ان کانسواءِ ملڪ شهزاد اعواڻ پيٽروليم واري وفاقي وزير پرويز علي ملڪ کان استعيفيٰ جو به مطالبو ڪيو آهي .
روز روز تيل اگهن ۾ ڦيرڦار خلاف گڊز ٽرانسپورٽر اتحاد جو 8 آگسٽ کان اڻڄاتل مدي تائين ملڪ گير هڙتال جو اعلان
You might also like