ڪراچي پينو فقيرن لاءِ پرڪشش شهر بڻجي ويو آهي: پوليس چيف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل پوليس ڪراچي آزاد خان چيو آهي ته شهر ۾ اثرائتو پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام موجود نه هجڻ سبب ڪراچي ۾ 46 لک موٽرسائيڪلون آهن.
ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي آزاد خان چيو ته اسان جو خطو دهشتگردي جي گهيري ۾ آهي، پوليس کي به خطرا آهن، ڪجهه واقعا به پيش آيا آهن، ان باوجود به شهر مجموعي طور محفوظ آهي.
هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم پوليس لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، جڏهن ته ڀتا خوري به مسئلو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي پينو فقيرن لاءِ پرڪشش شهر بڻجي ويو آهي، پينو فقير ان ڪري اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته هي شهر کين ڏئي ٿو.
آزاد خان چيو ته ڪراچي ۾ هاڻي ڪو به نو گو ايريا ناهي، پوليس شهر جي هر علائقي ۾ وڃي ڪارروائيون ڪري رهي آهي.
هن ٻڌايو ته تازين وارداتن ۾ ملوث هڪ گروهه خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪميونٽي پوليسنگ ۽ منشيات جي خاتمي لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.
ايڊيشنل آءِ جي چيو ته پوليس کاتي کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ چاهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سيف سٽي منصوبو رولڙي جو شڪار آهي، جڏهن ته شهر لاءِ اهو منصوبو نهايت ضروري آهي.
هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 2 هزار ڪيمرائون لڳايون پيون وڃن، پر اِهو انگ شهر جي ضرورت کان گهٽ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ انجنيئرنگ ۽ روڊن جي سارسنڀال جا مسئلا به موجود آهن، جڏهن ته ماس ٽرانزٽ سسٽم نه هجڻ سبب شهر ۾ 46 لک موٽرسائيڪلون هلن ٿيون.

You might also like