محسن نقوي ايڏو طاقتور آهي جو وزيراعظم به کانئس پڇاڻو نه ٿو ڪري سگهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته گهرو وزير محسن نقوي موجودا حڪومت جو سڀ کان طاقتور وزير آهي، جيڪو ڪيترن ئي معاملن ۾ وزيراعظم کي به جوابده ناهي.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته محسن نقوي گهرو وزير هجڻ باوجود به حڪومتي نظام جو حصو نظر نٿو اچي.
هن چيو ته هن محسن نقوي کي رڳو ٻه يا ٽي ڀيرا ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏٺو آهي.
خواجا آصف موجب، محسن نقوي پارليامينٽ ۾ به رڳو ست يا اٺ ڀيرا آيو هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن محسن نقوي پاڻ ئي شڪايتون ڪري رهيو آهي ته پوءِ”اسان کي گهر وڃڻ گهرجي.“

You might also like