آمريڪا سان هن وقت ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي رهي، ايران ٽرمپ جي دعويٰ رد ڪري ڇڏي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته هن وقت ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه جاري ناهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حملا رد ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ گذريل رات چيو هو ته ايران سان نيون ڳالهيون سومر کان شروع ٿينديون.
اسماعيل بقائي چيو ته تهران هن وقت آبناءِ هرمز بابت عمان سان جاري ڳالهين تي مڪمل ڌيان ڏئي رهيو آهي، جيڪي گذريل اٺن ڏينهن کان جاري آهن.
هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته عمان سان مشاورت ۽ سهڪار ذريعي جلد کان جلد اهڙو رستو طئي ڪيو وڃي، جنهن سان آبناءِ هرمز ۾ جهازراني جي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي.
هن واضح ڪيو ته عمان سان ڪنهن به امڪاني مفاهمت جو مطلب اهو قطعي ناهي ته آبناءِ هرمز ٻيهر کوليو ويندو.
اسماعيل بقائي موجب، متفقه رستو نه موجودا اتر وارو هوندو ۽ نه ئي موجودا ڏکڻ وارو، پر ٻنهي ڌرين جي اتفاق سان هڪ نئون رستو اختيار ڪيو ويندو.
اسماعيل بقائي چيو آهي ته آبناءِ هرمز ڪنهن به صورت ۾ 28 فيبروري کان اڳ واري حالت ۾ واپس نه ايندو.
ياد رهي ته 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل ايران خلاف جنگ شروع ڪئي هئي، جنهن جي ردعمل ۾ ايران هن اهم سامونڊي لنگهه کي عملي طور بند ڪري ڇڏيو هو ۽ اعلان ڪيو هو ته آبناءِ هرمز مان گذرندڙ سامونڊي چُرپُر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ جهازن تي فيس لاڳو ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
آمريڪا، ان جا خليجي اتحادي، گڏوگڏ يورپ ۽ ايشيا جي حڪومتن ان موقف جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته آبناءِ هرمز مان گذرڻ جو حق ٻيهر تڪرار کان اڳ وانگر مڪمل آزاد ۽ کليل هجڻ گهرجي.
جنگبندي واري معاهدي کانپوءِ ايراني حڪومت سامونڊي لنگهه جي اترئين حصي ۾، ايراني سامونڊي پٽيءَ ويجهو هڪ مخصوص رستو مقرر ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته سموري سامونڊي اچ وڃ ان ئي رستي ذريعي ڪئي وڃي.

 

You might also like