اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سڌ سماءُ واري وزارت ڪشمير جي چونڊن بابت الجزيرا جي ڪوريج کي ”زرد صحافت“ قرار ڏيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ قطري نشرياتي اداري الجزيرا انگلش جي ويب سائيٽ تائين رسائي متاثر ٿي وئي آهي.
صحافڻ بينظير شاهه سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ لکيل هو ته ”هن ويب سائيٽ تائين رسائي ممڪن ناهي.“
بينظير شاهه موجب، اهو پيغام ان وقت سامهون آيو ، جڏهن هن الجزيرا انگلش جي ويب سائيٽ کولڻ جي ڪوشش ڪئي.
صحافي عامر ضياءَ پڻ ايڪس تي سوال ڪيو ته، ”ڇا پاڪستان ۾ الجزيرا جي ويب سائيٽ بند ڪئي وئي آهي؟ مان ان تائين رسائي حاصل نٿو ڪري سگهان.“
الجزيرا پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي شهر مظفرآباد ۾ هڙتال سبب رهواسين چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، جڏهن ته راولاڪوٽ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي هئي.
رپورٽ ۾ اهڙن شهرين جون رايا پڻ شامل ڪيون ويون هيون، جن جو چوڻ هو ته هنن ووٽنگ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.
ان رپورٽ تي ردعمل ڏيندي پاڪستان جي سڌ سماءُ واري وزارت الجزيرا جي رپورٽنگ کي ”زرد صحافت“ قرار ڏنو.
وزارت گذريل ڏينهن ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته، ”مظفرآباد جي ڪجهه مخصوص پولنگ اسٽيشنن تان الجزيرا جي هڪ طرفي رپورٽنگ جو نوٽيس ورتو ويو آهي.“
بيان موجب، ”مخصوص ماڻهن جي اڳواٽ تيار ڪيل بيانن“ ذريعي الجزيرا پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي چونڊن ۽ ووٽنگ جي عمل کي غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
وزارت وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي زرد صحافت رڳو انهن ٻاهرين عنصرن جي ايجنڊا کي هٿي ڏئي ٿي، جيڪي مخصوص مفادن خاطر چونڊ عمل جي ساک کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا.
ٻئي پاسي، الجزيرا طرفان هن معاملي تي اڃا تائين ڪو به باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو ويو.