ايران-آمريڪا ڳالهين کان اڳ سفارتي سرگرميون تيز، عباس عراقچي جو فيلڊ مارشل سان رابطو

تهران (ويب ڊيسڪ) ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جا سعودي هم منصب وزير شهزادي فيصل بن فرحان بن عبدالله ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٽيليفونڪ رابطا جاري آهن.
ايران جي سرڪاري خابرو اداري اداري ارنا جي رپورٽ موجب، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان بن عبدالله ۽ پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، عباس عراقچي آچر جي رات ٻيهر سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان کان اڳ آچر تي عباس عراقچي پاڪستان جي پرڏيهي وزير سان پڻ ٽيليفونڪ مشاورت ڪئي، جڏهن ته ان کانپوءِ آرمي چيف ۽ اسلام آباد جي سفارتي عمل ۾ اهم شخصيت فيلڊ مارشل عاصم منير سان به سندس رابطي جي خبر سامهون آئي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن کي نظر ۾ رکندي امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن دوران تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور شروع ٿي سگهي ٿو.
ٽرمپ موجب، اِهي ڳالهيون آبناءِ هرمز ۽ ايران جي جوهري پروگرام تي کتل هونديون.

You might also like