اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان ۾ جولاءِ 2026ع دوران معمول کان 6 سيڪڙو گهٽ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ سراسري برسات 89.3 ملي ميٽر رهي.سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن جي شديد کوٽ ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ معمول کان 86.2 سيڪڙو وڌيڪ برسات رڪارڊ ٿيڻ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.موسمياتي انگن اکرن موجب سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، جتي معمول جي ڀيٽ ۾ 74 سيڪڙو گهٽ برسات ٿي.بلوچستان ۾ به صورتحال ڳڻتي جوڳي رهي، جتي برساتون معمول کان 35 سيڪڙو گهٽ رهيون، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ به 7.4 سيڪڙو گهٽ برسات رڪارڊ ڪئي وئي.ان جي ابتڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معمول کان 2.9 سيڪڙو وڌيڪ ۽ پنجاب ۾ 6.1 سيڪڙو وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي.سڀ کان نمايان تبديلي گلگت بلتستان ۾ سامهون آئي، جتي برساتن ۾ 86.2 سيڪڙو غير معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا هلندڙ مون سون موسم دوران سڀ کان وڌيڪ واڌ آهي.موسميات جي ماهرن موجب جولاءِ مهيني دوران برساتن ۾ هر سال نمايان لاها چاڙها ڏسڻ ۾ ايندا آهن. انگن اکرن موجب جولاءِ 2025ع ۾ ملڪ ۾ معمول کان 25 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي هئي، جڏهن ته جولاءِ 2024ع ۾ برساتن ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.ماهرن جو چوڻ آهي ته جولاءِ 2026ع ۾ مجموعي طور 6 سيڪڙو گهٽ برسات کي مڪمل خشڪ سالي نٿو چئي سگهجي، پر خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن جي شديد کوٽ زرعي شعبي ۽ پاڻي جي وسيلن لاءِ سنجيده ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان جو زرعي نظام وڏي حد تائين مون سون جي برساتن تي دارومدار رکي ٿو، خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جهڙن علائقن ۾، جتي پاڻي جي کوٽ اڳ ئي هڪ وڏو مسئلو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ پاسي ڪجهه علائقن ۾ برساتن جي شديد کوٽ ۽ ٻئي پاسي غير معمولي واڌ، موسمياتي تبديلي (ڪلائيميٽ چينج)جي اثرن جي نشاندهي ڪري ٿي.هنن خبردار ڪيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ غير معمولي برساتن سبب گليشيئرن جي تيزي سان ڳرڻ ۽ امڪاني ٻوڏن جا خطرا وڌي سگهن ٿا، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن جي کوٽ زرعي پيداوار ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي تي سڌو اثر وجهي سگهي ٿي.موسميات جي ماهرن صلاح ڏني آهي ته لاڳاپيل ادارا علائقائي سطح تي برساتن جي فرق کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي ذخيرن ۽ زرعي رٿابندي لاءِ مؤثر حڪمت عملي اختيار ڪن، جيئن ممڪن نقصانن کي گهٽائي سگهجي.