اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻارن جو انگ لڳ ڀڳ ساڍا 7 هزار تائين پهچي ويو، وفاقي صحت واري وزارت جي انگن اکرن موجب ايڇ آءِ وي جا 62 هزار علاج هيٺ مريض آهن، جن مان لڳ ڀڳ 12 سيڪڙو ٻار شامل آهن، انگن اکرن موجب سنڌ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جو سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو بڻجي ويو آهي، جتي لڳ ڀڳ 4 هزار 200 متاثر ٻار رجسٽرڊ آهن، وفاقي حڪومت ايڇ آءِ وي سان متاثر ۽ غذائي کوٽ جو شڪار ٻارن جي مدد لاءِ يونيسيف، ورلڊ فوڊ پروگرام، عالمي صحت جي اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ نيوٽريشن انٽرنيشنل کان غذائي سهڪار طلب ڪيو آهي، اختيارين موجب سخت غذائي کوٽ جو شڪار ٻارن کي خاص خوراڪ ۽ مسلسل طبي نگراني فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته والدين ۽ سارسنڀال ڪندڙن کي ٻارن جي غذائي ضرورتن بابت آگاهي پڻ ڏني ويندي، ماهرن جو چوڻ آهي ته ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻارن کي ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ 10 کان 20 سيڪڙو وڌيڪ توانائي ۽ پروٽين جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته غذائي کوٽ تي ضابطو آڻي علاج جا نتيجا وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجن ٿا.