ميرٽ جو قتل ۽ ايندڙ نسلن جو سودو!

مصباح عباسي

اقربا پروري ۽ نوڪرين جي خريد و فروخت ڪا نئين ڳالھه ناهي. ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين، هيءَ بيماري پاڪستان جي لڳ ڀڳ هر شعبي ۾ کوڙيل آهي. هڪ پاسي وسيلن جي لٽ مار آهي ته ٻئي پاسي سرڪاري نوڪرين تي ڌاڪو. هڪ پاسي اقتدار جي بک آهي ته ٻئي پاسي فاقو. ۽ وچ ۾ پيسجندڙ آهي عام ماڻهو، شاگرد ۽ مزدور، جيڪو جڏهن به پنهنجو جائز حق گهرڻ نڪري ٿو ته اظھارِ راءِ جي ڏوهه ۾ دھشتگرد سڏرائجي گوليون کائي ٿو.

سي پي ايس سي جو هي جعلي ۽ مفاد پرست نظام رڳو چند سرڪاري ڪرسيون ورهائڻ تائين محدود ناهي. هي ھڪ خاموش قدم آھي، اقتدار ۽ اختيار کي ھڪ دائري تائين محدود رکي عوام کي ڌوڪي زريعي لاچار ۽ بي وس ڪرڻ جو. ڇو ته انتظامي ڍانچي جو بنياد انهن آفيسرن تي بيٺل آ، ۽ جڏهن نااهل اميرزادہ پئسن تي نوڪريون وٺي ڪرسيءَ تي ويهندا، ته سندن جيب ته گرم ٿيندي، پر ملڪ جو انتظامي بنياد ڪمزور ۽ بيڪار ٿي ويندو ۽ اهي لائق ۽ حقدار شاگرد، جن کي اصل ۾ اهي ڪرسيون سنڀالڻيون هيون، ڊگريون هٿن ۾ کڻي در در ڌڪا کائيندا.

نقصان رڳو انهن فردن جو ناهي جيڪي معاشي ڪمزوريءَ سبب پٺتي رهجي ويا. اصل نقصان انهن ايندڙ نسلن جو ٿيندو جن هن ساڳئي سڙيل نظام ۾ پناهه وٺڻي آهي. جن کي پئسا ڏئي ڪرسيءَ تي ويٺل ماڻهن کان پنهنجا حق گهرڻا آهن، ۽ پوءِ وري ساڳئي نظام ۾ پنهنجا خواب رک ٿيندي ڏسندا آھن. ان بنياد تي سوچيو وڃي ته انفرادي نقصان ڪجهه خاص ناھي، پر اجتماعي طور تي سڀ تباهه ٿيندو نظر اچي ٿو.

فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ جي بيجا مداخلت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿي. ان مداخلت سان ايف سي سي ٺهڻ جو اصل مقصد به چٽو ٿي ويو آهي: هڪ مخصوص ٽولي کي اقتدار ۾ رکڻ، عام ماڻهن کي عدالتي ڪيسن ۾ ڦاسائي رکڻ ۽ پوءِ ‘اوور ايج’ قرار ڏئي سسٽم مان ٻاهر ڪڍڻ. هي سڄو عمل هڪ پرفيڪٽ پلاننگ لڳي ٿو. ڄڻ ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجن نسلن جي بک عوام جو پيٽ ڪپي پورو ڪرڻ چاهي ٿي. پر جين زي،  نئين نسل جو هي احتجاج ثابت ڪري ٿو ته اڃا به ڪي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي حق جي ويڙهه کان پوئتي نه هٽندا. عام ماڻهن کي گهرجي ته پنهنجي ڀلائي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ شفاف نظام جو بنياد رکڻ خاطر انهن شاگردن جو ساٿ ڏين. انهن جي حوصله افزائي ڪن.

ڇو ته هيءَ ويڙهه رڳو 70 پاس ٿيل يا هزارين فيل ٿيل شاگردن جي ناهي. هيءَ ويڙهه ان سوال جي آهي ته سڀاڻي اسان جي ضلعن جا اسسٽنٽ ڪمشنر، سيڪشن آفيسر ۽ پاليسي ميڪر ڪير هوندا؟ ميرٽ وارا يا پئسن وارا؟

جيڪڏهن اڄ نه جاڳياسين، ته ھي نظام باقاعده رائج ٿي ويندو ته اقتدار ۽ وسائل ھڪ مخصوص ٽولي تائين محدود رھندا ۽ مزدور طبقو ان ٽولي جي حاڪميت ۾ محڪوم بنڻجي پنھنجي زندگي انھن لائي آسائيشون جمع ڪندي گذريندو جي اڄ اسين پنھنجي حقن جي جنگ نه وڙھيا سين ته سڀاڻي اسان جي نسلن کي  هي ويڙهه وڙهڻي پوندي!

You might also like