لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور مزاحيه اداڪار، ميزبان ۽ طنز نگار تابش هاشمي پنهنجي مقبول ڪاميڊي ٽاڪ شو ”هنسنا منع هي“ کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
هن اعلان سان پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ مقبول مزاحيه پروگرامن مان سندس چئن سالن تي ٻڌل ڪامياب سفر جو باب بند ٿي ويو، جنهن دوران ڏسندڙن کي بيشمار کل ڀوڳ، يادگار لمحا ۽ دلچسپ ڪچهريون ڏسڻ لاءِ مليون.

تابش هاشمي پنهنجي جذباتي پيغام ۾ چيو ته گذريل چار سال سندس پيشيوراڻي زندگيءَ جا سڀ کان يادگار ڏينهن رهيا. هن چيو ته هي سفر محبت، مرڪن، ٽهڪن ۽ سهڻين يادگيرين سان ڀرپور رهيو. هن پنهنجي مداحن، پروگرام جي سموري ٽيم، مهمانن ۽ ٽي وي چينل جا دل جي گهراين سان ٿورو مڃيندي چيو ته ناظرين جي محبت ۽ اعتماد ئي هن پروگرام جي اصل ڪاميابي هئي، جنهن کيس هميشه وڌيڪ بهتر نموني ڪم ڪرڻ جو حوصلو ڏنو.
تابش هاشمي پروگرام ڇڏڻ جو اعلان ته ڪيو آهي پر هن وقت تائين ان ايڏي وڏي فيصلي جو ڪو به سبب ناهي ٻڌايو.
هوڏانهن سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته تابش هاشمي کي ڪشيميرين جو آواز بڻجڻ تي پروگرام مان نيڪالي ڏني وئي آهن ۽ واهپيدار اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
If it’s true that Tabish Hashmi has been removed from Hasna Mana Hai, it only further exposes the insecurity & narrow-mindedness of those ruling Pakistan today. His video was spot on. It was respectful, factual, and offensive to no one. A little thicker skin would go a long way.… pic.twitter.com/65uNdeqYtF
— Sayed Z Bukhari (@sayedzbukhari) August 1, 2026
ٻئي پاسي ذريعن جي اها به دعويٰ آهي ته تابش هاشمي حج تان واپسي کانپوءِ پروگرام جي رڪارڊنگ ڇڏي ڏني هئي ۽ چينل سندس رڪارڊ ٿيل پراڻي پروگرام ئي هلائي رهيو هو.
هوڏانهن تابش هاشمي جو پروگرام ڇڏڻ وارو اعلان سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ بڻجي ويو آهي ڪيترائي اهڙي عمل تي انتهائي افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن.