راولاڪوٽ ۽ ميرپور ۾ حالتون سنگين،ماڻهو مارجڻ جا اطلاع،ايڇ آر سي پي پاران ڳڻتي ظاهر

راولاڪوٽ/ميرپور (بي بي سي) آزاد ڪشمير ۾ ڪالعدم جوائنٽ عوامي ائڪشن ڪميٽي جي لانگ مارچ ۽ بائيڪاٽ جي تناظر ۾ راولاڪوٽ ۽ ميرپور اندر حڪومتي فورسز ۽ مظاهرين وچ ۾ پرتشدد جڙپون ٿيون آهن، جنهن کانپوءِ سڄي علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پکڙجي وئي آهي.راولاڪوٽ ۾ پيش آيل پرتشدد واقعن جي خلاف اڱاري جي صبح ميرپور جي شهدا چئوڪ وٽ جوائنٽ عوامي ائڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن پاران مظاهرو ڪيو ويو ۽ دڪانون زبردستي بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ايس ايس پي ميرپور موجب، جڏهن پوليس مظاهرين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مظاهرين مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.ٻئي طرف ڪالعدم جوائنٽ ائڪشن ڪميٽي ميمبر عابد شاهين الزام ھنيو آھي ته سڪيورٽي فورسز پرامن مظاهرين تي سڌي فائرنگ ڪئي جنهن سان سندن 6 ڪارڪن مارجي ويا. جڏهن ته مقامي اسپتال جو چوڻ آهي ته وٽن صرف هڪ لاش ۽ ٻه زخمي آندا ويا آهن.راولاڪوٽ جي علائقي دريڪ وٽ فورسز ۽ لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن وچ ۾ سخت چڪريون ٿيون. عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ امتياز اسلم دعويٰ ڪئي آهي ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي فائرنگ سان سندن 14 ڪارڪن مارجي ويا آهن، جڏهن ته اڳواڻ عابد شاهين مارجي ويلن جو تعداد 9 ۽ زخمين جو تعداد ٻن درجن کان وڌيڪ ٻڌايو آهي.حڪومتي ۽ پوليس ئي آءِ جي ڪئپٽن (ريٽائرڊ) لياقت علي ملڪ انهن دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته مظاهرين وٽ جديد هٿيار موجود آهن، جن سان هنن پوليس ۽ رينجرز تي پهاڙن تان فائرنگ ڪئي. پوليس اختيارين موجب پرتشدد مظاهرين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ رينجرز جو هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن. ضلع انتظاميا موجب هٿياربند مظاهرين رينجرز ۽ پوليس جون ٻه گاڏيون پڻ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيون.ٻئي پاسي هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان  آزاد جمون ۽ ڪشمير ۾ قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن دوران پرتشدد واقعن ۽ فوتگين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي،ايڇ آر سي پي  بيان ۾ چيو آهي ته رياست کي عوامي نظم ضبط قائم رکڻ گھرجي پر اها ڪارروائي انساني جانيون وڃائڻ ۽ پرامن احتجاج جي حق جي قيمت تي نه هجڻ گھرجي. انهن واقعن جي شفاف ۽ آزاداڻي تحقيقات جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي.

You might also like