مظفرآباد(ع آ نيوز) آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ مسلم ليگ (ن) غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب هينئر تائين برتري حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٻئي نمبر تي رهي آهي.آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ميرپور، ڪوٽلي ۽ ڀمبر ڊويزنن جي 13 تڪن تي سومر ڏينهن ووٽنگ ٿي. جنهن کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ڪيو ويو. ميرپور ڊويزن جي 13 ئي تڪن جا مڪمل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن موجب 9 تڪن تي مسلم ليگ (ن) جڏهن ته 4 تڪن تي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪاميابي ماڻي آهي. غير حتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب ايل اي 1 ميرپور 1، ايل اي 4 ميرپور 4، ايل اي 5 ڀمبر 1، ايل اي 6 ڀمبر 2، ايل اي 7 ڀمبر 3، ايل اي 9 ڪوٽلي 2، ايل اي 11 ڪوٽلي 4، ايل اي 12 ڪوٽلي 5 ۽ ايل اي 13 ڪوٽلي 6 تان مسلم ليگ (ن) جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، جڏهن ته ايل اي 2 ميرپور 2، ايل اي 3 ميرپور 3، ايل اي 8 ڪوٽلي 1 ۽ ايل اي 10 ڪوٽلي 3 تان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. مسلم ليگ (ن) جي اظهر صادق 15427 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب ٿيو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي قاسم مجيد 12904 ووٽ حاصل ڪري مقابلو کٽي ورتو . پاڪستان پيپلز پارٽي جي چوڌري ياسر سلطان ، چوڌري ياسين ، ظفر اقبال ملڪ ڪامياب ٿيا، مسلم ليگ (ن) جي چوڌري رخسار احمد 20172 ، وقار احمد، چوڌري محمد رزاق 32,732 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي،