نسلي تعصب جمهوريت جي نفي،ماهه رنگ بلوچ،علي وزير جي حمايت ٿيڻ گهرجي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)هڪ سوشل ميڊيا صارف پوسٽ ۾ لکيو آهي ته اڪثر دوست لکن ٿا ته پاڪستان ۾ ماه رنگ بلوچ،علي وزير،عمار علي جان،وغيره کي، ڀارت جي شاگرد اڳواڻن وانگر، حمايت ڇو نٿي ڏني وڃي؟هتي هڪ بنيادي ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته نسلي تعصب جمهوريت جي نفي آهي. دنيا جي جمهوري ۽ ترقي پسند سياست هميشه مظلوم ۽ پٺتي پيل طبقن کي گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندي آهي، جڏهن ته نسلي بنيادن تي ٿيندڙ سياست ماڻهن کي هڪ ٻئي جي سامهون بيهاري ٿي.ڀارت جي ڪيترن ئي شاگرد اڳواڻن جون تقريرون ٻڌيون وڃن ته هو طبقاتي ناانصافي، معاشي استحصال ۽ محروم طبقن جي گڏيل جدوجهد جي ڳالهه ڪن ٿا. هو مذهب ۽ نسل جي بنياد تي ورهاست کي رد ڪن ٿا. ان جي ابتڙ، جيڪا به سياست ڪنهن هڪ نسل کي اجتماعي طور مظلوم ۽ ٻي نسل کي اجتماعي طور ظالم قرار ڏئي، اها انصاف نه پر تعصب کي هٿي ڏئي ٿي.وسيلن تي قبضو ڪندڙ طبقي جو نه ڪو هڪ رنگ هوندو آهي، نه ڪا هڪ نسل ۽ نه ئي ڪا هڪ ٻولي. وسيلن کان محروم پنجابي، بلوچ، سنڌي، پشتون، سرائڪي ۽ ٻين قوميتن سان واسطو رکندڙ غريب ماڻهو هڪجهڙن مسئلن کي منهن ڏين ٿا. تنهن ڪري اصل جدوجهد وسيلن تي قابض استحصالي ڍانچن خلاف هجڻ گهرجي، نه ڪي غريب ماڻهن کي سندن نسلي سڃاڻپ جي بنياد تي هڪ ٻئي جو دشمن بڻايو وڃي، جنهن جو نتيجو اهو نڪري جو بيگناهه مزدور، هاري ۽ پورهيت تشدد جو شڪار ٿين.نسلي تعصب ڪڏهن به جمهوري جدوجهد نٿو بڻجي سگهي. جيڪا سياست ماڻهن کي نسل جي بنياد تي ورهائي ٿي، اها جمهوريت نه، پر جمهوريت جي چهري تي هڪ بدصورت داغ آهي.

You might also like