اسلام آباد(بيورو/م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کين اجازت ڏني ته آزاد ڪشمير وڃي سگهو ٿا. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آزاد ڪشمير موڪليل بسون اڃا ڪشمير ناهن پهتيون. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته بجلي واريون بسون ناهن پهتيون ته مان استعيفيٰ ڏيندس. راڻا ثناءُ الله چيو ته سندس اطلاع موجب بسون اڃا ٽرڪ تي موجود آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ وفاقي وزيرن جي وڃڻ تي اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي. هوڏانهن سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ن ليگ پنھنجي بدمعاشن ۽ غنڊن کي لغام ڏي، زور زبردستي ۽ دٻاءَ سان ن ليگ کي ڪشمير ۾ اليڪشن چوري ڪرڻ نه ڏينداسين، ن ليگ سمجھي ٿي ته ھر ڪوئي وڪري جو مال آھي ۽ ھُو لالچ ڏئي سڀني کي خريد ڪري سگھن ٿا. ھڪ بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ن ليگ جي گلو بٽن پيپلز پارٽي جي ھڪ ڪارڪن کي شھيد ڪري پنھنجي فاشسٽ روايت کي برقرار رکيو، ن ليگ جي اميدوارن پاران ھٿيارن جي آزاداڻي استعمال تي اليڪشن ڪميشن جي خاموشي افسوسناڪ ڳالھ آھي. ھن چيو ته ن ليگ پنھنجي شڪست ڏسي ڪريل حربن تي لھي آئي آھي، ن ليگ 2014 جيان ڪشمير ۾ به خيرات جو مينڊيٽ حاصل ڪرڻ چاھي ٿي، خيراتي مينڊيٽ واري ۽ فارم 47 جي پيداوار مسلم ليگ (ن) ڪشمير ۾ ماحول خراب ڪري رھي آھي، ڪشميري عوام پرامن آھي ۽ ڪشميري ن ليگ جي ٻٽي معيار ۽ ڪريل حربن حرڪتن کا ڀلي ڀت واقف آھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ن ليگ جي قيادت ڪن کولي ٻڌي ڇڏي ته ڪشمير جي پرامن ماحول کي خراب ٿيڻ نه ڏينداسين، ن ليگ طرفان چونڊن جي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙين تي اليڪشن ڪميشن جي خاموشي سمجھ کان ٻاھر آھي.