ذات پات، رنگ، نسل، مذهب کان عاري ڀارتي نوجوانن جي تحريڪ اتساهه جو سبب بڻيل

نئين دهلي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي انڊين نيشنل اسٽوڊنٽس الائنس جي صدر نيها بورا جي هڪ تقرير واري وڊيو وائرل آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته هتي موجود شاگردن جي جسم تي پيل جيترا به نشان آهن، اهي گواهي ڏيندا.جڏهن به "دهشتگردي”، "دهشت”، "خوف” يا "تشدد” لکيو ويندو، ته دهلي پوليس جو نام بار بار لکيو ويندو. اسان ياد رکنداسين ته توهان ان پارليامينٽ آڏو جتي اسان جي ووٽن سان چونڊيل نمائندا موجود هوندا آهن، اسان پنهنجا مطالبا وٺي پئي ويا سين، ته توهان اسان جا مٿا ڦاڙيا هئا،هن چيو ته اسان توهان جي تشدد کي ياد رکنداسين. جيڪو ڀتين جو ٽٽل حصو توهان ڏسي رهيا آهيو، جيترا ڀيرا جنتر منتر تي ماڻهو ان کي ڏسندا، ياد رکندا ته اها عوامي ملڪيت جي تباهي  دهلي پوليس جا ئي ڪرتوت آهن. ۽ ان تمام تشدد کان پوءِ جيڪا اسان وٽ بچيل سچيل جان آهي، دهلي پوليس پوليس ڪمشنر وزيراعظم گهرو وزير ۽ ڌرميندر پرڌان توهان سان واعدو ٿا ڪيون ته اها جيڪا بچيل جان توهان اسان جي اندر ڇڏي آهي، اها توهان جي سڀ کان وڏي غلطي آهي،هن چيو ته توهان کان وڏي غلطي ٿي وئي آهي ته توهان گواهن  کي زندهه ڇڏي ڏنو، جيڪي ايندڙ نسلن کي توهان جي تشدد جي گواهي ڏيندا. ۽ جڏهن به توهان جو تشدد لکيو ويندو، ان جي پاسي ۾ دهليءَ ۾ موجود 4 کان 5 لک شاگردن جو اڻٿڪ هماليائي جذبو ۽ حوصلي جي تاريخ لکي ويندي. هن چيو ته اسان ياد رکنداسين ته پٽنا، لکنؤ، مهاراشٽر، ڪرناٽڪا تان نڪري هڪ ٻئي کي نه سڃاڻيندڙ ماڻهن پنهنجين جسمن سان هڪ ٻئي کي توهان جي تشدد کان بچايو، صرف ان ڪري ته جيئن هن ملڪ ۾ ماڻهو زندهه رهن، ايندڙ نسل لاءِ تعليم   زندهه رهي.هن چيو ته توهان کي مثال ئي گهرجي ته اسان کي ڪير   متأثر ڪري ٿو، ته هينئر ئي اوهان کي مثال ڏيون ٿاته  اها ساوتري بائي ڦولي، اها فاطمه شيخ جن سڄي سماج جون تهمتون سٺيون پنهنجي بدن تي پٿر ۽ گوبر سٺو، صرف ان ڪري جو هوءَ چاهين پيون ته هن ملڪ جون عورتون ۽ پٺٽي پيل ذاتين مان ايندڙ ماڻهو تعليم حاصل ڪري سگهن! ان مان اسان کي تحريڪ ۽ انسپائريشن ملي ٿي. اسان ان مان سکون ٿا ته پنهنجون ذاتي قربانيون ڏئي ايندڙ نسلن جو مستقبل يقيني بڻائڻو آهي،هن چيو ته. اسان امبيڊڪر ۽ شهيد ڀڳت سنگهه مان پيروي وٺون ٿا. ڀڳت سنگهه 23 سالن جي عمر ۾ ڀڳت سنگهه بڻجي ويو! ان جو اهو جذبو جنهن اڳيان انگريز حڪومت بيوس ٿي وئي، اهو 23 سالن جي جسم ۾ هو. ۽ 20 تاريخ تي هتان جي روڊن تي نه ئي خبر ناهي الاهي ڪيترا ڀڳت سنگهه هئا، هن چيو ته اهي سڀ ماڻهو نه ڪڏهن پوليس جي جبر کان ڊنا، نه لٺين کان ڊنا، نه رياستي تشدد کان ڊنا، بس پنهنجي سڄي زندگي ۽ جسم جو هڪ هڪ قطرو ايندڙ نسلن لاءِ نڇاور ڪري ڇڏيو. هن چيو ته  توهان (حڪمران)ته ان وقت به  انگريزن جي حڪومت آڏو معافيون گهري رهيا هئا، جڏهن ڀڳت سنگهه،راج گرو ۽ سُکديو پنهنجون جانيون ڏئي رهيا هئا! توهان اڳ به انگريزن جا جوتا پالش ڪيا هاڻي به ڪري رهيا آهيو، ان ڪري ڪالهه به توهان جي هار ٿي هئي، اڄ به توهان جي هار ٿي آهي. ڪلهه به اسان کٽيو هو، ۽ اڄ به هن چيو ته اسان کي  جمهوريت ۽ شاگردن جي مستقبل کي ٻيهر آباد ڪرڻو آهي،هن چيو ته ماڻهو اسان جي ٽينٽ تي اچي چوندا هئا ته "شرم ٿي اچي ته بي جي   کي ووٽ ڏنو سين، اڳتي اها غلطي نه ڪنداسين ،توهان حڪمرانن اسان کي  23 ڏينهن جي بک هڙتال ڪرائي، ۽ توهان جو اهو قرض هندستان ڪڏهن به لاهي نه سگهندو.

You might also like