اسلام آباد (اطهر ڪاظمي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي موجوده سياسي صورتحال اهو تاثر مضبوط ڪري ٿي ته روايتي سياست پنهنجا آخري ساهه کڻي رهي آهي ۽ عوامي اعتماد تيزي سان ختم ٿيندو پيو وڃي، ڇو ته سياست ۾ اها هم آهنگي ۽ عوامي وابستگي نظر نٿي اچي جيڪا ڪڏهن ان جي خاص سڃاڻپ هوندي هئي، ۽ موجوده منظرنامو ڪنهن بي سُري موسيقي وانگر محسوس ٿئي ٿو جنهن ۾ آواز ته گهڻا آهن پر نه ڪا ترتيب آهي نه ڪا سمت، هڪ ئي بنيادي سوال سامهون اچي ٿو ته ڇا رياست ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپو مڪمل طور تي ٽٽي چڪو آهي، آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ ميرپور، ڀمڀر ۽ ڪوٽلي ۾ اهو روايتي جوش ۽ جذبو نظر نه آيو جيڪو ماضي ۾ چوڌري ۽ جٽ برادرين جي وچ ۾ سخت مقابلي جي صورت ۾ ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ سڄي شهر کي سرگرم ڪري ڇڏيندو هو، پر هن ڀيري ياسر سلطان ۽ چڪسوار جهڙن نالن جي چوڌاري گهمندڙ سياست به بي جان نظر آئي، ايستائين جو پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌائڻ باوجود به ڪٿي به اهو رش ۽ قطارون موجود نه هيون جيڪي هن فيصلي کي جواز ڏئي سگهن. ڪجهه ڌرين جي بائيڪاٽ چونڊ عمل مان اها گرمي ڪڍي ڇڏي جنهن کان سواءِ ووٽر گهرن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿين، اهڙي ريت عوامي بي رخي هن ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته ماڻهو هاڻي هن سياسي عمل کي صرف هڪ رسمي ڪارروائي سمجهڻ لڳا آهن، انهي دوران مريم نواز طرفان مظفرآباد لاءِ 10 اليڪٽرڪ بسون موڪلڻ هڪ نئون قانوني ۽ اخلاقي تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي انهن کي سيڪريٽريٽ جي پارڪنگ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، تنهن هوندي به بنيادي سوال پنهنجي جاءِ تي قائم آهي ته پنجاب جي ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو ڪنهن ٻئي علائقي ۾ چونڊ فائدي لاءِ ڪهڙي قانوني جواز هيٺ استعمال ڪيو ويو، نواز شريف جي مظفرآباد آمد ۽ عظميٰ بخاري جو کين “وزير اعظمن جو وزير اعظم” قرار ڏيڻ به انهي سياسي حڪمت عملي جو حصو لڳي ٿو جيڪا زميني حقيقتن سان مطابقت نٿي رکي.