ايم ڪيو ايم جو ڪراچي سميت ملڪ ۾ نون صوبن جو مطالبو، روڊن تي اچڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير صحت سيد مصطفىٰ ڪمال چيو آهي ته موجوده نظام مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ انتظامي بنيادن تي نوان صوبا قائم ڪرڻ هاڻي ناگزير بڻجي ويو آهي، بهادرآباد ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن دعويٰ ڪئي ته گذريل 18 سالن دوران سنڌ حڪومت کي ملندڙ 22 هزار ارب رپين مان ڪراچي کي رڳو 680 ارب رپيا، يعني ٽي سيڪڙو کان به گهٽ حصو ڏنو ويو، جڏهن ته ان آمدني جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪراچي پاڻ پيدا ڪيو، مصطفيٰ ڪمال چيو ته 2010ع کان اڳ ڪراچي کي وفاق کان جي ايس ٽي مان سڌو سنئون ڇهون حصو ملندو هو، جيڪڏهن اهو فارمولو برقرار رهي ها ته هيل تائين ڪراچي کي ٻه هزار ارب رپيا ملي چڪا هجن ها، جنهن سان ڪاروبار جي لاڳت گهٽجي وڃي ها، نيون صنعتون قائم ٿين ها، لکين نوجوانن کي روزگار ملي ها ۽ اسڪولن سان گڏ نوان اسپتال به تعمير ٿي چڪا هجن ها، هن چيو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان آءِ ايم ايف نه، پر رڳو ڪراچي ڪڍي سگهي ٿو. سندس الزام هو ته سنڌ حڪومت 18هين آئيني ترميم جي نالي تي سڀ وسيلا ۽ اختيار پنهنجي هٿ ۾ رکيا، پر 18 سالن ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کي تباهي جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان پارليامينٽ ۾ آئيني ترميم به پيش ڪئي، پر پيپلز پارٽي عددي اڪثريت جي بنياد تي ان کي منظور ٿيڻ نه ڏنو،آئيني ۽ جمهوري طريقا اختيار ڪرڻ کان پوءِ هاڻي ايم ڪيو ايم عوام جي حقن جي جنگ روڊن تي وڙهندي، جنهن سلسلي ۾ شاهه فيصل ٽائون ڪراچي ۾ احتجاجي جلسو ڪيو ويندو، مصطيٰ ڪمال خيرپور ۾ اغوا ٿيل ٻارن جي آزادي لاءِ ڌرڻو هڻندڙ 18 مائرن تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي سندن فوري آزادي ۽ ٻارن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان لاءِ وزارتون نه، پر عوام جا حق ۽ ملڪ جي سلامتي اهم آهن، ۽ هاڻي پارٽي پنهنجن حقن لاءِ هر جمهوري حد تائين ويندي.

You might also like