جمهوريت زنده باد: ڀارتي جين زي پاڪستاني نوجوانن کان گهڻو اڳتي

لاهور( عمران شفقت )فيض احمد فيض جون وڏيون انقلابي نظمون ۽ غزل آهن. سندس مشهور نظم ”هم ديکين گي، لازم هي ڪه هم ڀي ديکين گي“اها نظم جواهر لال نهرو يونيورسٽيءَ جا شاگرد پڙهندا هئا.اڄ اتي جنتر منتر تي اها ئي ميراث  کڻي اتان جا شاگرد جن کي ”ڪاڪروچ“ چيو ويندو هو، اهي جيڪو احتجاج ڪري رهيا هئا، انهن جي احتجاج رنگ لاتو. ڀارت وارا سماجي روين، سائنسي روين ۽ پوليٽيڪل سائنس جي روين ۾ اسان کان ٿورو هڪ ٻه نسل اڳتي آهن. اها ڳالهه جواهر لال نهرو چئي هئي جڏهن ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي الڳ وطن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا. جين زي اتي هڪ ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو آهي. لاوو گذريل ڪيترن ئي سالن کان پچي رهيو هو ۽ ان کي ٽريگر ٿيڻ جو موقعو ملي ويو.  جنتر منتر پاڪستان ۾ ڊي چوڪ وانگر آهي، اتان جي پارليامينٽ جو ريڊ زون جتي وزيراعظم هائوس، پارليامينٽ هائوس آهياتي شاگرد اچي ويهي رهيا.شاگردن ان تحريڪ (آندولن) کي سياسي ٿيڻ کان بچايو آهي، يعني ڪانگريس جي ڇاپ لڳڻ کان بچايو آهي. مودي سرڪار ۽ انهن جي ميڊيا وڏي ڪوشش ڪئي ته ان کي ڪو سياسي رنگ ڏنو وڃي، پر اهي ناڪام ويا.هاڻي آندولن جنتر منتر تي آهي، ڊي چوڪ تي ناهي، پر هتي جي ماڻهن جون خواهشون آهن ته هتي به ڊي چوڪ تي ائين ٿئي.هندوستان ۾ اتان جي شاگردن هڪ معجزو ڪري ڏيکاريو آهي. پر اهڙا معجزا پاڪستان ۾ ٿيڻ ٿوروا مشڪل آهن، ڇو ته هتي ماڻهن لاءِ ڪو ڪجھه نٿو ڪري، سڀ پنهنجي پنهنجي چڪرن ۾ آهن.

You might also like