نئين دهلي(عوامي آواز نيوز) ڀارتي نوجوانن جي جماعت ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) حڪومت سان ڪامياب ڳالهيون ٿيڻ کان پوءِ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي يونين وزير جي پي نڊا ۽ مرڪزي حڪومت جي وزير جتيندر سنگهه سان ڳالهين کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سي جي پي جي ترجمان چيو ته اسان جا سڀئي مطالبا مڃيا ويا آهن، تنهن ڪري سڀني مظاهرين کي اپيل ڪريون ٿا ته هو فوري طور تي پرامن طريقي سان پنهنجو احتجاج ختم ڪن.ترجمان چيو ته حڪومت اسان جا سڀ مطالبا قبول ڪري ورتا آهن. تعليم وارو وزير ڌرميندر پردھان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته نيٽ (NEET) امتحان جي پيپر ليڪ ٿيڻ سبب خودڪشي ڪندڙ شاگردن جي وارثن کي معاوضو ڏنو ويندو. ان کان علاوه، سڄي ملڪ ۾ سي جي پي جي ڪارڪنن خلاف داخل ڪيل سڀئي ايف آءِ آرون واپس ورتيون وينديون.ترجمان موجب حڪومت تعليم ۾ سڌارن بابت ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي پنج نڪتن واري ايجنڊي سان به اتفاق ڪري ورتو آهي، ۽ ان حوالي سان مستقبل ۾ به وڌيڪ ڳالهيون جاري رهنديون”هاڻي مودي جو وارو آهي“، تعليم واري وزير جي استعيفيٰ کان پوءِ شاگردن جشن ۾ نوان نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا، تعليم واري وزير جي استعيفيٰ کان پوءِ ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي)جي سربراهه اڀيجيت ديپڪي جنتر منتر تي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي ’ڪاڪروچ‘ چوڻ جي مهرباني.”اڀيجيت ديپڪي، ڀارت جي چيف جسٽس سوريا ڪانت جو نالو وٺندي چيو ته:جيڪڏهن چيف جسٽس اسان کي ’ڪاڪروچ‘ نه سڏي ها ته مان ڀارت واپس نه اچان ها ۽ نه ئي هيءَ تحريڪ شروع ٿئي ها. ڀارتي ميڊيا موجب، نوجوانن جي اها تحريڪ 15 مئي تي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل هڪ ٻڌڻي کان پوءِ شروع ٿي. ان ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوريا ڪانت، سينيئر ايڊووڪيٽ جي عهدي بابت هڪ ڪيس ۾ تبصرو ڪندي چيو هو ته:ڪجهه نوجوان ڪاڪروچن وانگر آهن، جن کي نه روزگار ملي ٿو ۽ نه ئي پيشي ۾ ڪا جاءِ.”بعد ۾ چيف جسٽس وضاحت ڪئي ته سندس اشارو جعلي قانون جي ڊگري رکندڙ ماڻهن ڏانهن هو، نه ڪي بيروزگار نوجوانن ڏانهن. تنهن هوندي به اهو بيان سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويو.ٻئي ئي ڏينهن بوسٽن ۾ رهندڙ شاگرد ۽ عام آدمي پارٽي جي اڳوڻي ڪميونيڪيشن اسٽريٽجسٽ اڀيجيت ديپڪي هڪ طنزيه پوسٽ ذريعي "ڪاڪروچ جنتا پارٽي” قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.ٻئي طرف، ڀارتي پارليامينٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ کي "تعليمي نظام ۾ سڌارن ڏانهن هڪ وڏو قدم” قرار ڏنو آهي.راهول گانڌي ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيوته انهن سڀني نوجوانن ۽ شاگردن کي دل جي گهراين سان واڌايون، جن جمهوريت، آئين ۽ پنهنجي مستقبل جي تحفظ لاءِ روڊن تي نڪري ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيوهن وڌيڪ چيو:مون کي توهان سڀني تي فخر آهي،هوڏانهن ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي حمايت ۾ 26 ڏينهن بک هڙتال ڪندڙ سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ ڀارت جي تعليم واري وزير جي استعيفيٰ جو آڌرڀاءُ ڪندي ان کي "جمهوريت جي فتح” قرار ڏنو آهي.سونم بيان ۾ سي جي پي، جنريشن زيڊ ۽ سڄي ملڪ جي شهرين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن "خوف ۽ ڊپ تي ضابطو آڻي ملڪ جي هر ڪنڊ مان پنهنجو آواز بلند ڪيو.”سونم وانگچڪ جمعي جي صبح سوير پنهنجي 26 ڏينهن واري بک هڙتال ختم ڪري ڇڏي هئي.هن پنهنجي بيان جي آخر ۾ چيو ته هاڻي احتساب کان پوءِ سڌارن جو وارو آهيان حوالي سان ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي ترجمان چيو ته وزير تعليم ڌرميندر پردھان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي. اسان جا سڀئي مطالبا باضابطه طور لکت ۾ مڃيا ويا آهن، تنهن ڪري هاڻي اسان پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي وينداسين. آچر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ پُرامن نموني مشعل بردار مارچ ڪيو ويندو.ٻئي طرف سي جي پي جي صدر ابهيجيت ديپڪي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته ماڻهو چوندا هئا ته هن حڪومت ۾ ڪوبه استعيفيٰ نٿو ڏئي، پر ڌرميندر پردھان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ۽ اسان اهو ڪري ڏيکاريو آهي.اڀيجيت ديپڪي وڌيڪ چيو ته ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جيڪڏهن توهان نه ڊڄو ۽ حڪومت آڏو نه جهڪو، ته توهان ڪنهن کان به استعيفيٰ وٺي سگهو ٿا. جمهوريت ۾ ڊڄڻ نه گهرجي