پاڪستان ۽ ايجنسين خلاف پروپيگنڊا ڪندڙ نيٽ ورڪ جو تعلق ڀارت سان آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ پاڪستاني اداري بابت گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کان جاچ جاري آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا الله تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستاني اداري خلاف گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ۽ ڪوڙي ڄاڻ ڦهلائيندڙ سڄي نيٽ ورڪ جا لاڳاپا ڀارت سان آهن، جڏهن ته ان مواد جو وڏو حصو ڪشمير جي پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي بابت آهي.

هن چيو ته پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جي شرپسند عنصرن کي ڀارت طرفان مالي سهڪار ملڻ جا ثبوت سڀني جي سامهون موجود آهن. ڪيترائي ڀارتي سوشل ميڊيا اڪائونٽ به ثبوتن سميت سامهون آيا آهن، ۽ هر پوسٽ ذريعي ماڻهن کي رياست خلاف ڀڙڪايو پئي ويو.

عطا الله تارڙ وڌيڪ چيو ته ٽوليون ٺاهي قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي سوشل ميڊيا وسيلي هٿي ڏني پئي وئي ۽ اهڙي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جو مقصد ڪشمير ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ هو.

وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جون تازيون ڪاميابيون دشمن کان برداشت نٿيون ٿين. عسڪري محاذ کان پوءِ سفارتي محاذ تي به پاڪستان اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ پاڪستان پنهنجي قومي مفادن جو هر محاذ تي ڀرپور دفاع ڪندو.

You might also like