آمريڪي فوجي اڏا ۽ جنگي جهاز تباهه ڪيا ويا آهن: پاسدارانِ انقلاب

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوجي اڏن تي حملن دوران ڪيترائي جنگي جهاز تباهه ڪيا ويا آهن.

هڪ بيان ۾ ايراني پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته علائقي ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ڪيل حملن دوران 17 ڊرون جهاز تباهه ڪيا ويا. ايراني حملن ۾ هينگر اندر بيٺل هڪ ايف-15 جنگي جهاز ۽ هڪ پي-8 جهاز پڻ تباهه ڪيو ويو.

ايراني پاسدارانِ انقلاب وڌيڪ دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني حملن ۾ هڪ سي-17 ٽرانسپورٽ جهاز ۽ اٺ ريفيولنگ جهاز پڻ تباهه ڪيا ويا.

You might also like