سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ مينهن جي اڳڪٿي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب ڏکڻ اولهه راجسٿان ۽ ان سان لڳو لڳ علائقن ۾ گهٽ هوا جي دٻاءَ وارو نظام موجود آهي، جڏهن ته سڀاڻي ان جي شدت گهٽجڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طاقتور وسڪاري مند واريون هوائون ملڪ جي ڏاکڻين ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جنهن سبب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تائين وقفي وقفي سان مينهن پوڻ جو امڪان آهي.

ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ کنوڻ سان گڏ مينهن پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

اهڙيءَ ريت سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ به کنوڻ سان گڏ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شڪارپور، سکر، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ پڻ مينهن پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران آسمان ڪڪرائتو ۽ موسم گهميل رهڻ جو امڪان آهي. شهر ۾ اڄ هلڪي بوندا باندِي يا هلڪو مينهن پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته ايندڙ ٽن ڏينهن تائين وقفي وقفي سان بوندا باندِي جاري رهڻ جي اميد آهي.

سومر ۽ اڱاري تي شهر ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائون به هلي سگهن ٿيون، جڏهن ته شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ کنوڻ سان گڏ مينهن پوڻ جو به امڪان آهي.

You might also like