ڪشمير ۾ خاموشي جي ڪري ساڳيو ئي حشر دهلي ۾ ٿيو:ڀارتي شاگردياڻي ”گودي ميڊيا“ جا چارئي طبق روشن ڪري ڇڏيا

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ شاگردن ”گودي ميڊيا“ جي ڪوڙن دعوائن ۽ ماڻهن کي ”پاڪستاني ايجنٽ“ سڏڻ واري الزام جي حقيقت سامهون آڻي ڇڏي.

جنتر منتر تي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاج دوران 23 ڏينهن تائين بک هڙتال ڪندڙ ڀارتي شاگردياڻي نيها بورا چيو ته، ” اسان ڪشمير ۾ پيلٽ گن جي ڇرن تي خاموش رهياسين اڄ اهي ئي ڇرا دهلي جي ڪناٽ پليس تائين پهچي ويا آهن.“

هن وڌيڪ چيو ته، ”دهلي جي فسادن ۽ ڪشمير ۾ ماڻهن کي پاڪستان جو ايجنٽ چيو ويو ته عوام ان ڳالهه کي سچ سمجهي ورتو. پر اڄ جڏهن پنهنجن حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ شاگردن کي به پاڪستاني ايجنٽ چيو ويو ته ماڻهن کي احساس ٿيو ته اڳيون الزام به ڪوڙو هو.“

ياد رهي ته دهلي ۾ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي احتجاجن دوران پوليس طرفان پيلٽ گن استعمال ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيترائي سوال اٿي بيٺا آهن.

دهلي جي هن واقعي سڄي ڀارت ۾ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي، پر سڀ کان وڌيڪ انهن زخمن کي تازو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي والاريل ڪشمير جا ماڻهو سالن کان پيلٽ گن جي انداڌند ڇرن سبب سٺندا رهيا آهن.

والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل سالن دوران پيلٽ گن جو بي دريغ استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا.

اسپتالن جي رڪارڊ موجب 6 هزار کان وڌيڪ ڪشميري نوجوان، ٻار ۽ عورتون هن خطرناڪ هٿيار جي ڇرن سبب سخت زخمي ٿيا. انهن مان ڪيترائي پنهنجي اکين جي روشني وڃائي ويٺا آهن.

You might also like