ڪراچي (رپورٽر)نيب چيئرمين، ڊي جي نيب ڪراچي کي بي آر ٽي ييلو لائين منصوبي بابت جاچ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، نيب ذريعن موجب چيئرمين نيب ييلو لائين منصوبي ۾ مبينا طور ساڍا اٺ ارب رپين جي اڳواٽ ادائيگين واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جاچ دوران اهو جائزو وٺندو ته ساڍا اٺ ارب رپين جي اڳواٽ ادائيگي کان پوءِ ٺيڪيدارن ڪهڙا ڪم مڪمل ڪيا ۽ ڪهڙا نه ڪيا، جڏهن ته ان سان لاڳاپيل سمورن معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويندو، واضح رهي ته بي آر ٽي يلو لائين ڪراچي جي اڳوڻي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ضمير عباسي کي ٺيڪيدارن کي ساڍا اٺ ارب رپين جي مبينا اڳواٽ ادائيگي جي الزام هيٺ لاهور مان گرفتار ڪيو ويو هو.