ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) ايشين گيمز 2026ع جي مردن جي ڪرڪيٽ مقابلي لاءِ پاڪستان، ڀارت، سري لنڪا ۽ بنگلاديش کي سڌي ريت ناڪ آئوٽ (ڪوارٽر فائنل) مرحلي ۾ داخلا ڏني وئي آهي.
خميس ڏينهن جاري ڪيل ڊرا موجب، اهي چارئي ٽيمون ڪواليفائنگ مرحلي مان اڳتي ايندڙ چئن ٽيمن سان گڏ ڪوارٽر فائنل ۾ مهاڏو اٽڪائينديون.
ڪواليفائنگ مرحلي ۾ ڇهه ٽيمون ٻن گروپن ۾ ورهايون ويون آهن، گروپ اي ۾ افغانستان، ميزبان جپان ۽ نيپال شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ ملائيشيا، عمان ۽ هانگ ڪانگ (چين) شامل آهن.
هر ٽيم پنهنجي گروپ جي ٻين ٻن ٽيمن سان هڪ، هڪ ميچ کيڏندي، جڏهن ته ٻنهي گروپن مان ٽاپ ٻه، ٻه ٽيمون ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
ٻئي پاسي عورتن جي ڪرڪيٽ مقابلن جي شروعات سڌو سنئون ڪوارٽر فائنل مرحلي کان ٿيندي، جتي پاڪستان جو مقابلو ٿائيلينڊ سان ٿيندو، ڀارت جپان سان، سري لنڪا ملائيشيا سان ۽ بنگلاديش چين سان مقابلو ڪندو.
واضح رهي ته 2023ع ۾ چين جي شهر هانگزو ۾ ٿيل ايشين گيمز ۾ ڀارتي مينز ۽ وومينز ٻنهيگولڊ ميڊلز کٽيو هو.
ياد رهي ته عورتن جا ڪرڪيٽ مقابلا 17 کان 22 سيپٽمبر تائين، جڏهن ته مردن جا مقابلا 24 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر 2026ع تائين آئچي-ناگويا، جپان جاري رهندا.
ايشين گيمز: پاڪستان، ڀارت، سري لنڪا ۽ بنگلاديش سڌي ريت ناڪ آئوٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو
You might also like