بيجنگ (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ-ايران ويجهن ۽ تاريخي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ملاقات دوران اسحاق ڊار تازي علائقائي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين، صبر، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ مسلسل سفارتي رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي.
هن جون 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تحت ٿيل اڳڀرائي کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي مسلسل سفارتي سهڪار ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو.
هن ايراني مهاڻن ۽ عملي جي محفوظ واپسي ۾ پاڪستان جي سهڪار تي به ٿورا مڃيا، جن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا، جيڪي آمريڪي اختيارين طرفان روڪيل جهازن تي سوار هئا.
عباس عراقچي ايران، آمريڪا ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين سان پاڪستان جي ويجهي رابطي کي به ساراهيو، جنهن جي نتيجي ۾ انهن ماڻهن جي پاڪستان رستي محفوظ واپسي کي يقيني بڻايو ويو.
ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ويجهي رابطي ۽ باظابطا مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي علائقائي امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم پڻ ورجايو.
ڊار جي عراقچي سان ملاقات، علائقائي امن لاءِ سهڪار ۽ اسلام آباد مفاهمتي ٺاهه کي اڳتي وڌائڻ تي زور
You might also like